اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آيل شنگهائي تعاونت نظيم (ايس سي او) جي سيڪريٽري جنرل نورلان يرميڪ بائيف ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم يرميڪ بائيف کي ايس سي او جي نئين سيڪريٽري جنرل جي طور تي پنهنجون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ کيس شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪريٽريٽ جي لاءِ پاڪستان پاران مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن سان پاڪستان جي ويجهي لاڳاپن تي زور ڏيندي شنگهائي جذبي کي برقرار رکڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن علائقائي امن ۽ سلامتي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي صلاحيت کي ساراهيو. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ان ڏس ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي مڪينزم خاص طور تي ٻطرفي واپار، ٽرانسپورٽ ۽ رابطي جي شعبن ۾ گڏيل طور تي فائديمند تعاون جي لاءِ پاڪستان جي تعميري شموليت جو ورجاءُ ڪيو. هن آڪٽوبر 2024ع ۾ اسلام آباد ۾ ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس جي پاڪستان جي ڪاميابي سان ميزباني کي ساراهيو. بيان موجب ٻنهي معززين شنگهائي تعاون تنظيم جي ترجيحن تي ڪارائتي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن ايس سي او تحت ٽرانسپورٽيشن ۽ لاجسٽڪس، انرجي سيڪيورٽي، فوڊ سيڪيورٽي، صحت، اي ڪامرس ۽ گرين اڪانومي جي شعبن ۾ تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي طريقن ۽ ذريعن تي غور ڪيو.