سينٽوڊومينگو-10 اپريل (اي پي پي) جمهوريه ڊومينڪن جي گادي واري شهر سينٽو ڊومنگو ۾ نائيٽ ڪلب جي ڇت ڪرڻ سبب فوتين جو انگ وڌي 184 ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڊومينڪن اختيارين ان ڳالهه تي تصدق ڪندي ٻڌايو ته جمهوريه ڊومينڪن جي گادي واري شهر نائيٽ ڪلب جي ڇت ڪرڻ سبب فوتين جو انگ وڌي 184 ٿي ويو آهي، ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي ڊائريڪٽر چيو ته فوتين ۾ مونٽي ڪرسٽي صوبي جو گورنر نيلسي ملا گروس ڪروز به شامل آهي. ايمرجنسي سروسز زخمين ۽ گم ٿيل ماڻهن بابت معلومات حاصل ڪرڻ ۾ خاندانن جي مدد لاءِ هاٽ لائن قائم ڪيو آهي. نائيٽ ڪلب جي ڇت ڪرڻ جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي.