اسلام آباد -09 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته پاڪستان حڪومت ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ سياحت کي هٿي ڏيڻ ۽ خطي ۾ اڀرندڙ اقتصادي راهدارين مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. هن اها ڳالهه ناڻي وزارت ۾ عالمي پيشيواراڻيون خدمتون فراهم ڪندڙ فرم الويريز اينڊ مارسل جي وفد سان ملاقات ۾ ڪئي. اها ملاقات پاڪستان ۾ نجڪاري جي عمل ۽ خودمختيار ويلٿ فنڊ جي قيام جي سلسلي ۾ جاري مشاورت جو حصو هئي. الويريز اينڊ مارسل جي وفد جي قيادت ڊويزن ايگزيڪيوٽو پيٽر بريگز ڪئي جڏهن ته ساڻس عبدالله الابعاري، مئنيجنگ ڊائريڪٽر، ۽ گلوبل هيڊ آف ساورن ايڊوائيزر رضا باقر به گڏ هئا. ملاقات دوران انٽر پيٽر بريگز پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ الويريز اينڊ مارسل جي مضبوط عزم جو اظهار ڪيو ۽ ان خطي جي اڀرندڙ مارڪيٽن ۾ ڪمپني جي ڊگهي مدي واري حڪمت عملي کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ڪمپني پاڪستان ۾ پنهنجي آفيس کولڻ لاءِ غور ڪري رهي آهي ته جيئن حڪومت کي نجڪاري جي عمل ۾ مدد فراهم ڪري سگهي ۽ عالمي سيڙپڪارن کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري طرف راغب ڪري سگهجي. هن موجب پاڪستان جي اڀرندڙ مارڪيٽ سيڙپڪاري ۽ ڊگهي مدي واري ترقي لاءِ بي پناهه موقعا فراهم ڪري ٿي. سينيٽر محمد اورنگزيب الويريز اينڊ مارسل جي دلچسپي جي آجيان ڪندي نجڪاري ۽ سوورين ايڊوائيزري ۾ ڪمپني جي مهارت کي ساراهيو. هن ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي موثر انداز ۾ کولڻ لاءِ انهن جي امڪاني ڪردار کي به ساراهيو. خاص ڪري بجلي جي ورهاست وارين ڪمپنين جي نجڪاري جي سلسلي ۾. هن چيو ته حڪومت نجڪاري جي عمل کي تيز ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ هاڻي تائين 24 سرڪاري ادارن کي نجڪاري جي فهرست ۾ شامل ڪري چڪي آهي. ان موقعي تي سينيٽر محمد اورنگزيب گذريل 14 مهينن دوران پاڪستان جي معيشت ۾ ٿيل بهتري جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته معيشت جي استحڪام مارڪيٽ کي نئين زندگي بخشي آهي ۽ ترقي جون نيون راهون کوليون آهن. هن عالمي شپنگ ڪمپني اي پي مولر ميرڪس طرفان ميري ٽائيم سيڪٽر ۾ وڏي سيڙپڪاري جي تازي اعلان جو حوالو ڏنو. ان سان گڏوگڏ مقامي سيڙپڪار ۽ ڪاروباري ماڻهو به نئين جوش ۽ جذبي سان انهن موقعن مان فائدو کڻڻ لاءِ اڳيان اچي رهيا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته هي سڀ معاشي بهتري جون واضح علامتون آهن ۽ پاڪستان جي ترقي لاءِ اميد جو اشارو آهن. هن ان ڳالهه جو به ورجاءُ ڪيو ته حڪومت جو ويزن وزيراعظم شهباز شريف جي هدفن مطابق آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ سياحت کي هٿي وٺرائڻ ۽ خطي ۾ اڀرندڙ اقتصادي راهداري مان ڀرپور فائدو کڻڻ آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته الويريز اينڊ مارسل سان شراڪتداري پاڪستان ۽ ان جي معيشت لاءِ هڪ خوشحال مستقبل جو بنياد رکندي.