اسلام آباد-08 اپريل (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان جي صدارت ۾ اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ايندڙ مالي سال لاءِ صنعتي شعبي بابت بجيٽ تجويزن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي سيڪريٽري سيف انجم، انجنيئرنگ ڊولپمينٽ بورڊ ۽ سمال اينڊ ميڊيئم انٽرپرائيزز ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ جي نمائندن شرڪت ڪئي. وزارت مان جاري پريس رليز مطابق اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ڪيترن ئي اهم معاملن تي غور ڪيو، جن ۾ مقامي مصنوعات کي هٿي وٺرائڻ، ڪچي مال جي آمدني واپار ۽ روانگي واپار ۽ ڪسٽمز ڊيوٽيز، ريگيوليٽري ڊيوٽيز ۽ ايڊيشنل ڪسٽمز ڊيوٽيز شامل آهن. وزارت طرفان ايل اي ڊي لائيٽنگ مصنوعات تي 20 سيڪڙو ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي. هارون اختر خان بجيٽ تجويزن ۾ ترميمن جي هدايت ڏيندي صنعتي شعبي جي ترقيءَ لاءِ ٽيڪس سڌارن جي اهميت تي زور ڀريو. هن پاڪستان جي ڪارپوريٽ ٽيڪس ڍانچي کي علائقائي معيار جي برابر آڻڻ لاءِ ”سپر ٽيڪس“ لاڳو ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي. وزيراعظم جي ويزن مطابق خاص مددگار صنعتي شعبي ۾ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪاروبار دوست ماحول جي فراهميءَ تي زور ڀريو. هن مقامي صنعتن جي معاونت ۽ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي روشني وڌي. هن لاڳاپيل کاتن جي هدايت ڪئي ته صنعتي ترقيءَ ۾ موجود رڪاوٽن جي نشاندهي ڪري انهن جو خاتمو ڪيو وڃي ته جيئن ملڪ ۾ پائيدار اقتصادي ترقيءَ کي يقيني بنائي سگهجي.