لاهور – 02 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عيدالفطر جي موقعي تي گڏيل عرب امارات جي صدر ۽ ابوظهبي جي حڪمران شيخ محمد بن زايد النهيان سان ٽييلفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن گڏيل عرب امارات جي صدر، اماراتي شاهي خاندان سان گڏوگڏ گڏيل عرب امارات جي ڀائر عوام کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ انهن جي مسلسل خوشحالي، امن ۽ ترقي جي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم گذريل مهيني ابوظهبي ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر سان پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪيو ۽ موجوده پاڪستان اماراتي لاڳاپن کي فائديمند اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي پراڻي حمايت تي ٿورا مڃيا. گڏيل عرب امارات جي صدر پڻ گرمجوشي سان عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان جي اقتصادي ۽ ترقياتي قدمن جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون جاري رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو.