اسلام آباد-28 مارچ (اي پي پي) وفاقي گادي واري هنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ والاريل بيت المقدس تي اسرائيلي قبضي جي ياد ۾ جمعت الوداع کي يوم القدس طور ملهايو ويو. جمعي نماز جي اجتماعن ۾ عالم سڳورن اسرائيلي اڳرائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ جمعت الوداع تي سڀ کان وڏو اجتماع ٿيو. جاڙن شهرن جي رهواسين فيصل مسجد ۾ جمعي جي نماز ادا ڪئي. ان موقعي تي ملڪ جي ترقي، خوشحالي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون. يوم القدس جي مناسبت سان والاريل بيت المقدس تي اسرائيلي قبضي جي شديد مذمت سان گڏوگڏ فلسطين، ڪشمير ۽ غزه ۾ معصوم ۽ بي گناهه مسلمانن تي ظلمن جي مذمت ڪئي وئي ۽ الله رب العزت کان دعا گهري وئي ته دنيا ۾ جتي جتي به مسلمان ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار آهن الله ڪريم انهن جي دستگيري فرمائي. سڄي ملڪ ۾ يوم القدس جي مناسبت سان مختلف هنڌن تي مذهبي تنظيمن طرفان القدس ريليون ڪڍيون ويون. يوم القدس جي موقعي تي اسرائيلي اڳرائي جي مذمت ڪندي گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ويو ته فلسطين مسئلي ۽ ڪشمير مسئلي بابت سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي فوري عملدرآمد ڪيو وڃي، شرڪت ڪندڙن مظلوم فلسطيني عوام سان ڀرپور يڪجهتي ڪئي ۽ پنهنجي حمايت جي خاطري ڪرائي.