اسلام آباد- 25 مارچ (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، آرمي چيف جنرل عاصم منير جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني مرحومه جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير سان همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته جنرل عاصم منير جي والده جي لاڏاڻي جو ٻڌي تمام گهڻو ڏک ٿيو. ڏک جي هن گهڙي ۾ جنرل عاصم منير سان گڏ آهيون. سينيٽ چيئرمين دعا ڪئي ته الله تعالى جنرل عاصم منير ۽ سندس خاندان کي صبر عطا فرمائي.