اسلام آباد -23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان پوري قوم کي يوم پاڪستان جون مبارڪون ڏيندي چيو ته تحريڪ پاڪستان ۾ نوجوانن جو اهم ڪردار رهيو آهي، پاڪستان کي ڏکين عالمي حالتن، معاشي دٻاءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ نوجوان افرادي قوت جو جذبو گهربل آهي. پاڪستان جي ڏهاڙي جي قومي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان جو ڏهاڙو 23 مارچ 1940ع تي مسلمانن جي هڪ آزاد ملڪ جي قيام جي عزم جي ياد ڏياري ٿو. راڻا مشهود احمد خان چيو ته سموري قوم کي يوم پاڪستان جون مبارڪون ڏيان ٿو. تحريڪ پاڪستان ۾ نوجوانن جو اهم ڪردار رهيو آهي. پاڪستان کي ڏکين عالمي حالتن، معاشي دٻاءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ نوجوان افرادي قوت جو جذبو گهربل آهي. هن چيو ته اسان دهشتگردي جي لعنت جو مقابلو ڪري رهيا آهيون، اسان جي بهادر هٿياربند فوج مادر وطن جي دفاع لاءِ وڏيون قربانيون ڏئي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي نوجوانن کي ملڪ ۽ قوم جي خدمت جو موقعو فراهم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، اسان جي هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن مادر وطن جي تحفظ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. ڄمون ڪشمير ۽ فلسطين جي عوام سان پنهنجي اڻٽٽ حمايت جو ورجاءُ ڪيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي اصل طاقت هن جي نوجوانن ۾ آهي، پاڪستان جي ترقي لاءِ نعرن بدران عملي قدم کنيا وڃن.