اسلام آباد-19 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر خان چيو آهي ته ڊيري فارمز ۽ کير پروسيسنگ انڊسٽري کي وڌيڪ ترقي ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن معيار ۾ بهتري ۽ پيداواري لاڳت ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي. هن اها ڳالهه پاڪستان ڊيري ايسوسيئيشن جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ ڊيري سيڪٽر کي پيش ايندڙ چئلينجز ۽ ان جي حل تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هارون اختر خان ان موقعي تي چيو ته پاڪستان دنيا جي وڏن کير پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ شامل آهي ۽ ملڪ ۾ ساليانو 70 ملين ٽن کان وڌيڪ کير پيدا ٿئي ٿو جڏهن ته ڊيري فارمز ۽ کير پروسيسنگ انڊسٽريءَ کي وڌيڪ ترقي ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن معيار ۾ بهتري ۽ پيداواري لاڳت ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي. ملاقات ۾ پيڪ ٿيل کير جي دٻن تي 80 سيڪڙو جي ايس ٽي جي اثرن جو به جائزو ورتو ويو جنهن تي هارون اختر خان چيو ته هي ٽيڪس کير جي قيمتن ۾ واڌ سبب بڻجي رهيو آهي. پاڪستان ڊيري ايسوسيئيشن حڪومت کان پيڪ ٿيل دٻن تي لاڳو ٽيڪس ۾ نرمي جو مطالبو ڪيو ته جيئن کير جي رسد کي يقيني بنائي سگهجي ۽ صارفين کي معياري کير مناسب قيمت تي دستياب ٿئي. هن وڌيڪ چيو ته ڊيري سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري کانسواءِ پاڪستان لاءِ خوراڪ ۾ پاڻڀرو ٿيڻ وارو خواب پورو ڪرڻ ممڪن ناهي. هن خاطري ڪرائي ته حڪومت ڊيري انڊسٽريءَ جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي ۽ ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ڌُرين سان وڌيڪ صلاح مشورا جاري رکندي.