اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني آبادي ۾ خطرناڪ حد تائين اضافي جي موثر انتظام جي لاءِ ٺوس ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته آباديءَ جي حوالي سان قومي ايڪشن پلان جو ڪاميابي سان لاڳو ٿيڻ لازمي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وقتي صدر اهڙن خيالن جو اظهار آبادي جي انتظام بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس سپريم ڪورٽ جي 2018ع جي سوموٽو ايڪشن ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي سفارشن جي پس منظر ۾ ٿيو. اجلاس ۾ صحت واري وزارت جي سيڪريٽري، ڊائريڪٽر جنرل پاپوليشن ونگ ۽ صحت واري وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وقتي صدر چيو ته آبادي جي چئلينج بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ صوبائي حڪومتن ۽ نجي شعبي سميت سمورين ڌرين کي شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي. سيد يوسف رضا گيلاني آبادي ۾ اضافي جي شرح گهٽ ڪرڻ ۽ آبادي جي ٻين لاڳاپيل انگن اکرن کي بهتر بڻائڻ سميت خانداني منصوبابندي جي خدمتن تائين ماڻهن جي پهچ وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته وڌندڙ آبادي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ ٺوس ۽ گڏيل ڪوششن سان گڏوگڏ ان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ صوبن جو تعاون لازمي آهي. وقتي صدر چيو ته آبادي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت صوبائي حڪومتن جي مشاورت ضروري آهي. اجلاس ۾ وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني کي آبادي جي حوالي سان نيشنل ايڪشن پلان تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 2019ع کان 2024ع تائين آبادي جي حوالي سان نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪيو ويو جڏهن ته 2025ع کان 2030ع تائين آبادي جي حوالي سان نظرثاني ٿيل نيشنل ايڪشن پلان صوبن جي مشاورت سان تيار ڪيو ويو آهي. بريفنگ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته نئون منصوبو منظوري جو منتظر آهي ۽ ان تي آبادي بابت وفاقي ٽاسڪ فورس جي ايندڙ اجلاس ۾ غور ڪيو ويندو.