ڪوئيٽا / اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جعفر ايڪسپريس تي حملي کي ناقابل معافي ظلم قرار ڏيندي زور ڏئي چيو آهي ته معصوم شهرين جي خلاف ڄاڻي واڻي اهڙي طرح جون غيرانساني ڪارروايون انهن ملڪ دشمن باغين جي اصليت ۽ انهن جي ڏيکاءُ کي بي نقاب ڪن ٿيون، هن دهشتگرد تنظيمن جي خلاف سياسي اڳواڻن ۽ نمائندن جي عزم ۽ بلوچستان جي لاءِ جامع ڊگهي مدي واري سڌارن ۽ ترقياتي منصوبن ۽ قانونسازي جي عزم کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، بلوچستان جي گورنر ۽ وڏي وزير، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير سميت اعليٰ سول ۽ عسڪري عملدارن ۽ سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ نمائندن وزيراعليٰ هائوس ڪوئيٽا ۾ اعليٰ سطحي سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. بريفنگ دوران شرڪت ڪندڙن کي بلوچستان ۾ سيڪيورٽي جي موجوده صورتحال، دهشتگردي جي خلاف جاري ڪوششن ۽ جعفر ايڪسپريس حملي بابت تازي آپريشن جي ڪامياب انعقاد بابت تفصيل سان آگاهه ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن دهشتگردي جي سمورين قسمن ۽ مظاهر جي خلاف زيرو ٽالرنس جي پاليسي کي برقرار رکڻ جي پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سياسي پارٽين جي قائدين ۽ نمائندن، وفاقي ۽ صوبائي وزيرن، سرڪاري آفيسرن ۽ ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن متفقه طور تي جعفر ايڪسپريس تي دهشتگردي جي وحشياڻي ڪارروائي جي مذمت ڪئي ۽ شهيدن جي لازوال قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي انهن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي. بلوچستان اسيمبلي جي ميمبرن ۽ سمورين سياسي ڌرين سان تعلق رکندڙ سياستدانن سان ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم دهشتگرد تنظيمن جي خلاف سياسي اڳواڻن ۽ نمائندن جي عزم ۽ بلوچستان جي لاءِ جامع ڊگهي مدي واري سڌارن ۽ ترقياتي منصوبن ۽ قانونسازي جي عزم کي ساراهيو. وزيراعظم جعفر ايڪسپريس تي حملي کي ناقابل معافي ظلم قرار ڏنو. هن زور ڏئي چيو ته معصوم شهرين جي خلاف ڄاڻي واڻي اهڙي طرح جون غيرانساني ڪارروايون انهن ملڪ دشمن باغين جي اصليت ۽ انهن جي ڏيکاءُ کي بي نقاب ڪن ٿيون. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان کي عدم استحڪام پهچائڻ جي هر ڪوشش جو پوري طاقت سان مقابلو ڪيو ويندو. پاڪستان جي هٿياربند فوج اڳ ۾ ئي وقت سر ۽ فيصلائتي ڪارروائي ڪندي يرغمالين کي بازياب ڪرايو ۽ دهشتگردن جي ڪڌي ارادن کي ناڪام بڻايو. ذميوارن سان گڏوگڏ انهن جي سهولتڪارن کي بنا ڪنهن هٻڪ يا رحم جي شڪار ڪري ختم ڪيو ويندو. دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پاڪستان جي ثابت قدم عزم جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم چيو ته ”ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهڙي طرح جي غداري جي ذريعي اسان جي ملڪ کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو رياست جي پوري طاقت سان مقابلو ڪيو ويندو. اها رڳو عسڪريت پسند تنظيم جي خلاف جنگ نه آهي پر لاقانونيت ۽ مايوسي جي نظريي جي خلاف جنگ آهي. اجلاس ۾ دشمن عنصرن کي سماجي فضا کي خراب ڪرڻ کان روڪڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو. وزيراعظم دهشتگردن جي خلاف آپريشن ڪندڙ بهادر آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات ڪئي ۽ سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو. هن شهيدن جي سوڳوار خاندانن کي رياست پاران مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون.. بعد ۾ وزيراعظم ۽ آرمي چيف ڪمبائنڊ ملٽري اسپتال (سي ايم ايڇ) ڪوئيٽا جو دورو ڪيو، جتي هنن زخمين ۽ متاثر خاندانن سان ملاقات ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم جو ڪوئيٽا پهچڻ تي بلوچستان جي وڏي وزير ۽ آرمي چيف شاندار استقبال ڪيو.