اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار طبي تعليم بابت چوٿين اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزيراعظم جي قومي صحت واري ڪوآرڊينيٽر، صحت واري وفاقي سيڪريٽري، پي ايم اينڊ ڊي سي جي صدر، سي پي ايس پي جي صدر، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه ۽ اهم طبي ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم بهتر طبي تربيت ۽ ضابطي جي ذريعي صحت جي سارسنڀال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اجلاس ۾ شاگردن سان گڏوگڏ ميڊيڪل ڪاليجن جي لاءِ انصاف کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرائيويٽ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ ايڪريڊيٽيشن، فيس ريگيوليشن ۽ ريشنلائيزيشن تي ڌيان ڏنو ويو. هڪ ذيلي ڪميٽي کي هدايت ڪئي وئي ته اها 17 مارچ تي ٿيندڙ ايندڙ اجلاس ۾ فيس ريشنلائيزيشن تي پنهنجون سفارشون پيش ڪري.