اسلام آباد -10 مارچ (اي پي پي)وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سيڙپڪاري بورڊ جو قلمدان سنڀالي ورتو. سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽري وفاقي وزير کي ڪارڪردگي ۽ ڪم جي حوالي سان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته سيڙپڪاري ملڪي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. هن وزيراعظم جي ويزن موجب ڪاروبار دوست پاڪستان جي تعمير جو عزم ورجائيندي چيو ته پائيدار معيشت لاءِ ڪيل واعدا پورا ڪنداسين، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ اهم قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ معاشي ترقي لاءِ سيڙپڪارن کي مڪمل تعاون به فراهم ڪيو ويندو. قيصر احمد شيخ چيو ته پاڪستان ۾ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافي لاءِ نئين حڪمت عملي تي ڪم جاري آهي جڏهن ته ڪاروباري برادري جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ حڪومتي قدم تيز ڪيا ويا آهن.