اسلام آباد -09 مارچ (اي پي پي) ناڻي بابت وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي، ته ملڪي معيشت کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچائي صحيح رخ تي گامزن ڪيو ويو آهي، پاڪستان ۾ 8 مهينن جي سراسري مهنگائي جي شرح 6 سيڪڙو جي ويجهو آهي، پينشن سڌارن ۽ رائيٽ سائيزنگ جي حوالي قدم کڻي رهيا آهيون، ٽيڪس جي نظام کي منصفاڻو بڻايو پيو وڃي. اي پي پي کي خصوصي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته گذريل هڪ سال ۾ ملڪي معيشت ڏيوالو ٿيڻ کان بچائي صحيح رخ تي گامزن ڪيو ويو آهي، مسئلن ۽ ڏکيائين مان نڪري هاڻي پائيدار استحڪام ۽ اوسر جي راهه تي گامزن ٿي چڪا آهيون. هن چيو ته مهانگائي ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي، هڪ وقت ۾ صارفين لاءِ عام مهنگائي جي شرح تاريخ جي بلند ترين 38 سيڪڙو جي سطح تي پهچي وئي هئي، کاڌي پيتي جي شين جي مهنگائي جي شرح 49 سيڪڙو تائين بلند سطح تي هئي، حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ مهنگائي جي شرح ڏيڍ سيڪڙو جي سطح تي اچي چڪي آهي، هي هڪ وڏي ڪاميابي آهي ۽ ان سان عوام کي رليف مليو آهي. هن چيو ته ترڪيه، ارجنٽائين، مصر ۽ نائيجيريا ۾ هڪ سال اڳ سراسري مهنگائي جي سطح 35 کان 36 سيڪڙو تائين جڏهن ته پاڪستان ۾ 38 سيڪڙو هئي، جيڪا هن وقت پاڪستان ۾ 8 مهينن جي سراسري مهنگائي جي شرح 6 سيڪڙو ويجهو آهي، جڏهن ته مٿي ڄاڻايل ملڪن ۾ سراسري مهنگائي جي شرح هن وقت به 35 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، ترڪيه ۾ مهنگائي جي شرح 42 سيڪڙو ويجهو آهي، اهڙي طرح ڀارت ۽ بنگلاديش جي ڀيٽ ۾ به پاڪستان ۾ مهنگائي جي شرح گهٽ آهي، حڪومتي قدمن سان گڏوگڏ عالمي مارڪيٽ ۾ شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ روپئي جي قدر ۾ استحڪام سان به مهنگائي جو دٻاءُ گهٽيو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ مهنگائي ۾ اضافي سان وياج جي شرح به واڌ ٿي وئي هئي جنهن سان صنعتن ۽ ڪاروبار کي ڏکيائيون درپيش هيون، وياج جي شرح هن وقت 12 سيڪڙو آهي ۽ ان سان صنعتن کي سيڙپڪاري ڪرڻ ۽ نون قرضن وٺڻ ۾ آسانيون دستياب آهن. ان سان روزگار جا موقعا ۽ اوسر ۾ واڌ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته هڪ وقت ۾ اسان وٽ ٻن هفتن لاءِ مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا بچيا هئا، هن وقت مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا سوا ٻن مهينن جي آمدني لاءِ ڪافي آهن. هن چيو ته ٽيڪس جي شعبي ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي رهي آهي، زرعي انڪم ٽيڪس جي حوالي سان چئني صوبن ۾ قانونسازي ساراهه جوڳي آهي، صوبن معيشت کي سياست تي ترجيح ڏني آهي، جيڪا هڪ وڏي ڪاميابي آهي، ريٽيل، هول سيل ٽريڊ ۽ زرعي شعبي جو اسان معيشت جي مجموعي ڳاڻيٽي ۾ اٽڪل 45 سيڪڙو حصو بڻجي ٿو جڏهن ته اهو شعبو صرف ٻه سيڪڙو جي ويجهو ٽيڪس ڏئي رهيو آهي