ڪراچي-08 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته شهر جون روشنيون ڌنڌليون ٿي ويون هيون، گورنر هائوس مان شهر جون روشنيون بحال ڪنداسين ۽ گڏوگڏ روشنين جي شهر ڪراچي ۾ روزگار جا به وسيع موقعا پيدا ڪنداسين، روزگار جا موقعا وڌائڻ لاءِ آئون ۽ منهنجي ٽيم ڏينهن رات ڪوششون وٺي رهيا آهيون. اها ڳالهه سنڌ جي گورنر اتحاد رمضان ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چئي آهي. گورنر چيو ته الله تعاليٰ بابرڪت مهيني ۾ دعائون ٻڌندو آهي، تنهنڪري اوهان سڀ ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خاص طور تي دعائون ڪريو. ڪامران خان ٽيسوري چيو ته نوان وزير حلف کڻي چڪا آهن، الله کين عوام جي خدمت جي توفيق ڏئي. ان کان اڳ گورنر هائوس ۾ ڪڻا ڪڍيا ويا جنهن ۾ بينا ظفر جي عمري جي ٽڪيٽ نڪتي، بينا ظفر چيو ته منهنجي وڏي خواهش هئي جيڪا اڄ پوري ٿي وئي. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر بينا ظفر کي خاطري ڪرائي ته اوهان جي ٻن ٻارن کي به عمري جون ٽڪيٽون، ويزائون، رهائش جا انتظام پاڻ ڪندس. 120 گز جي پلاٽ جي ڪڻن ۾ جاويد اقبال نالي شخص جو نالو نڪتو. جاويد اقبال پنهنجي تاثرات ۾ چيو ته هو مسواڙ جي جاءِ ۾ رهندو آهي ، اڄ الله تعاليٰ منهنجي دعا قبول ڪري ورتي، گورنر صاحب جو گهڻو ٿورائتو آهيان. ان کان اڳ گورنر هائوس ۾ افطار/ڊنر ۾ يونيورسٽين جي شاگردن سوڌو ماڻهن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي، افطار ۽ افطار ڊنر ۾ سنڌ مدرسته الاسلام، ٽيڪسٽائل انسٽيٽيوٽ، خادم علي شاه ملير يونيورسٽي ۽ سنڌ انسٽيٽيوٽ جا شاگرد به شريڪ هئا. گورنر شاگردن ۽ ٻين ماڻهن جو گورنر هائوس ۾ آڌرڀاءُ ڪيو ، شاگردن ۽ ٻين ماڻهن گورنر سان سيلفيون به ڪڍرايون. گورنر سنڌ مختلف يونيورسٽين جي شاگردن سان گڏجي افطاري ڪئي، ان موقعي تي شاگردن پنهنجي تاثرن جو اظهار ڪندي چيو ته گورنر سنڌ سان گڏ افطاري ڪرڻ تمام سٺو لڳو.