اسلام آباد -01 مارچ (اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري رمضان المبارڪ جي موقعي تي پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مسلمانن کي دلي واڌايون ڏنيون آهن. هن دعا ڪئي ته هي مقدس مهينو سڀني لاءِ امن، خوشحالي ۽ بي شمار برڪتون کڻي اچي. پي پي پي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ان ڳالهه تي زور ڀريو ته رمضان صرف روزا رکڻ جو نالو ناهي پر هي پاڻ احتسابي، روحاني ترقي ۽ عقيدت جي تجديد جو مهينو آهي، هي صبر، عاجزي ۽ همدردي جا قدر سيکاري ٿو، اسان کي ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته اسان ڪمزور ۽ ضرورت مند ماڻهن جو خيال رکون ۽ عدلت، رواداري ۽ اتحاد جي اصولن کي اختيار ڪيون. هن چيو ته سڀني پاڪستانين کي اپيل آهي ته هو رمضان المبارڪ جي مهيني دوران حقيقي جذبي تحت ضرورت مندن جي مدد ڪن. هڪ ٻئي سان رحمدلي جو ورتاءُ ڪن ۽ هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪن جتي سڀني کي برابري جي حيثيت حاصل هجي ۽ سڀني سان احترام ۽ محبت جو سلوڪ قائم ڪيو وڃي. هن ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي فلاح بهبود لاءِ جدوجهد جاري رکندي.