اسلام آباد-28 فيبروري (اي پي پي) رمضان المبارڪ 1446هه جو چنڊ نظر نه آيو، پهريون روزو آچر تي ٿيندو. چنڊ ڏسڻي ڪميٽيءَ جو مرڪزي اجلاس پشاور ۾ ڪميٽيءَ جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ ٿيو. جڏهن ته زونل ۽ ضلعي چنڊ ڏسڻي ڪميٽين جا اجلاس سڄي ملڪ ۾ پنهنجن پنهنجن لاڳاپيل هنڌن تي ٿيا. اسلام آباد زونل چنڊ ڏسڻيءَ ڪميٽيءَ جو اجلاس مذهبي معاملن واري وزارت ۾ ٿيو. سڄي ملڪ مان ملندڙ شاهدين کي نظر ۾ رکندي مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين اعلان ڪيو ته سڄي ملڪ مان رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچڻ جي ڪابه شاهدي ناهي ملي، ان لاءِ پهريون روزو آچر تي ٿيندو. مذهبي معاملن واري وزارت 2 مارچ تي رمضان المبارڪ جي شروعات جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.