اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دارالعلوم حقانيه اڪوڙه خٽڪ ۾ ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙي طرح جون بزدلاڻيون دهشتگردي جون ڪارروايون دهشتگردي جي خلاف اسان جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙ جي يو آءِ (س) جي سربراهه مولانا حامدالحق ۽ ٻين زخمين جي صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ زخمين کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اهڙي طرح جون بزدلاڻيون ڪارروايون دهشتگردي جي خلاف اسان جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن، ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم ڌماڪي جي حوالي سان رپورٽ طلب ڪري ورتي.