اسلام آباد -26 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان عراق جي سفير حامد عباس علي الارمشاوي پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ عراق وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات ۾ واپاري، اقتصادي، پارلياماني، مذهبي ۽ ثقافتي رابطن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ عراق تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي رشتن ۾ ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جي ضرورت آهي. انساني وسيلن، واپار، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل ۽ توانائي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي ضرورت آهي. ملاقات ۾ پارلياماني سفارتڪاري ۽ وفدن جي مٽاسٽا کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سيد يوسف رضا گيلاني زراعت، واپار، پاڻي،توانائي، تعليم، سياحت ۽ دفاع ۾ سهڪار وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستاني زائرين جي انتظامن کي وڌيڪ منظم ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي. پاڪستان ۽ عراق وچ ۾ سڌي ريت هوائي رابطن سان عوامي رابطا مستحڪم ٿيندا. هر سال اڍائي لک پاڪستاني زائرين مقدس هنڌن تي حاضري لاءِ عراق ويندا آهن. سينيٽ چيئرمين عراقي سفير کي ملتان جي دوري ۽ سيڙپڪارن سان ملاقات جي دعوت ڏني ۽ چيو ته ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ پارلياماني فرينڊ شپ گروپ جو ڪردار انتهائي اهم آهي. افرادي قوت ۽ ٻين شعبن ۾ ايم او يوز تي عملدرآمد جي ضرورت آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته زراعت، دفاع ۽ واپار م سهڪار ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻيندو. عراق جي سفير ٻه طرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته عراقي ايوان نمائندگان جي سربراهه طرفان سينيٽ چيئرمين کي عراق جي دوري جي دعوت ڏني. عراق پاڪستان سان واپاري، اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپا مستحڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.