باڪو – 24 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ڪاروباري سرگرمين سان معيشت مستحڪم ٿيندي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏنو ويندو، پاڪستان ۾ غيرملڪي سيڙپڪارن کي سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪيو پيو وڃي، ٻنهي ملڪن جي واپارين کي پرڪشش واپاري مراعتن مان فائدو کڻڻ گهرجي، نارٿ سائوٿ لنگهه ڪاروباري سرگرمين جي فروغ جي لاءِ گيم چينجر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان آذربائيجان بزنس فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي آذربائيجان جو صدر الهام عليوف پڻ موجود هو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ اخلاص، گڏيل اعتماد ۽ احترام ۽ عوام جي سطح تي محبت تي ٻڌل پراڻا لاڳاپا آهن، آذري قيادت سان ملاقات دوران وسيع ڏس ۾ تعميري ڳالهه ٻولهه ٿي، اسان اڳتي وڌڻ تي واضح اتفاق ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي ڪاروباري طبقي کي خطاب ڪري خوشي ٿي، اسان جو ٻطرفو واپار 14 ملين ڊالر آهي، اسان ان کي جلد 2 ارب ڊالر تائين کڻي وينداسين، ان بابت معاهدن کي هڪ مهيني ۾ حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ٿيو آهي، پاڪستان مان باسمتي چانور برآمد ڪيا ويندا، آذربائيجان جي صدر درآمدي ڊيوٽي تان ڇوٽ ڏني آهي، اهڙي طرح اسان اڳتي وڌي سگهون ٿا، انهن شعبن جو جائزو وٺنداسين جن ۾ ٽيرف گهٽ آهي ته جيئن درآمدات ۽ برآمدات کي وڌائي سگهجي. وزيراعظم چيو ته ايل اين جي پڻ واپاري شين ۾ شامل آهي، جيڪڏهن اسان گڏجي ڪوشش ڪنداسين ته 2 ارب ڊالر واپاري هدف کي حاصل ڪرڻ ممڪن ٿيندو. انهن معاهدن تي اپريل ۾ پاڪستان ۾ صحيحون ڪيون وينديون، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري سرگرمين بابت غلط فهمين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي نمائندن تي ٻڌل مستقل انفارميشن بيورو قائم ڪيو ويندو جيڪو جديد سهولتن تي ٻڌل هوندو جنهن سان ٻنهي ملڪن جي واپارين کي وقت سر ۽ حقيقتن تي ٻڌل معلومات ملندي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻا مضبوط دفاعي لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏنو ويندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل ڊفينس مينوفيڪچرنگ فيسيلٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڀروسي جوڳي، سستي ٽرانسپورٽيشن ۽ رابطن جي فروغ جي لاءِ نارٿ سائوٿ ڪوريڊور اهم آهي، ان حوالي سان ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، گوادر پورٽ اسان جي واپار جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، اهو گيم چينجر منصوبو آهي، اسان جو ڌيان ان تي آهي، آذربائيجان چيمبر آف ڪامرس اسلام آباد، لاهور ۽ گوجرانوالا قائم ڪيو ويو آهي، اهو ٻطرفي واپار جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان چيمبر آف ڪامرس باڪو سميت آذربائيجان جي مختلف شهرن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ ۾ مدد ملندي، آذربائيجان، ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مفاهمت سڀني جي مفاد ۾ آهي، آذربائيجان اسلام آباد ۾ ماهرن جي ٽيم موڪلي جيڪا وفاقي گادي واري شهر جي رنگ روغن جي لاءِ ڀرپور ڪم ڪري رهي آهي.