رباط-21 فيبروري (اي پي پي) نجڪاري، مواصلات ۽ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته فلسطيني ڀائرن سان دليون ڌڙڪن ٿيون، فلسطين جي عوام جي اخلاقي ۽ سفارتي مدد جاري رکنداسين. ڀاءُ اسلامي ملڪن سان واپار ۾ واڌ جا خواهشمند آهيون. اهڙو اظهار هن مراڪش ۾ فلسطين جي ٽرانسپورٽ واري وزير طارق حسين زاراب سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. مراڪش ۾ وفاقي وزير فسلطيني وزير سان پاڪستاني عوام طرفان خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستاني عوام جون دليون پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان گڏ ڌرڪن ٿيون. پاڪستان فلسطينين جي اخلاقي، سفارتي ۽ هر طرح جي مدد جاري رکندو ۽ هر پاڪستاني شهريءَ کي اتي ٿيندڙ ظلمن تي دلي ڏُک آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. وفاقي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته فلسطينين جي جدوجهد ضرور رنگ لائيندي ۽ کين منزل ملندي. فلسطين جي وزير پاڪستاني حڪومت جي تعاون تي ٿورو مڃيندي وفاقي وزير جي جذبن کي ساراهيو. هن چيو ته الله تعاليٰ فلسطين کي جلد آزاد نصيب ڪندو. چوٿين گلوبل منسٽريل ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ واري سيشن ۾ بنگلاديش جي صنعتن ۽ پيداوار واري وزير عادل الرحمان خان، عمان جي ڊپٽي منسٽر برگيڊيئر جنرل علي افلاحي ۽ مالديپ جي ٽرانسپورٽ واري وزير ايم امين سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ بين الملڪي تعاون خاص طور ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات جي شعبي ۾ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ مراڪش ۾ ٿيل چوٿين گلوبل منسٽريل ڪانفرنس روڊ سيفٽي کي خاص طور اُسرندڙ ملڪن لاءِ فائديمند قرار ڏنو. وفاقي وزير پرڏيهي وزيرن سان ڳالهين دوران ٻُڌايو ته 24 ڪروڙ عوام جي ملڪ پاڪستان ۾ 40 سيڪڙو کان وڌيڪ مواصلات جي ذريعن ۾ بهتريءَ جي گنجائش موجود آهي، اسان ٻين ملڪن سان بي ٽو بي ۽ جي ٽو جي ٻنهي انداز ۾ سيڙپڪاري ۽ تعاون چاهيون ٿا، انهن حالتن ۾ پاڪستان جي موٽر ويز ۽ شاهراهون ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ بهتريءَ طرف گامزن آهي. وفاقي وزير ٻُڌايو ته ٽريفڪ جي وهڪري ۾ واڌ باوجود حادثن ۾ گهٽتائي ۽ روينيو ۾ واڌ ڪري رهيا آهيون ۽ سفر کي محفوظ بڻائڻ لاءِ جديد گهرجن سان هم آهنگ پاليسين تي عمل پيرا آهيون. پرڏيهي وزيرن ۽ وفاقي وزير عبدالعليم مراڪش جي 3 ڏينهن واري ڪانفرنس کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو ۽ هڪٻئي لاءِ ڪاميابي جي خواهشن ۽ خوشگوار يادن سان واپسيءَ جي توقع جو اظهار ڪيو.