اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت چيو آهي ته سرڪاري اسڪيم جي جن درخواستگذارن جمعي تائين پنهنجون رهتون بئنڪن ۾ جمع نه ڪرايون ته سندن درخواست رد سمجهي ويندي. گذريل ڏينهن مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان پنهنجي هڪ بيان ۾ سرڪاري اسڪيم جي حج درخواستگذارن کي تنبيهه ڪئي آهي ته هو پنهنجي حج رهتن جي ٽئين قسط اڄ هر صورت بئنڪن ۾ جمع ڪرائي ڇڏين ۽ بئنڪن مان تصوير واري ڪمپيوٽرائزڊ رسيد ضرور حاصل ڪن. جيڪڏهن هنن هاڻي به ٽئين قسط ادا نه ڪئي ته سندن درخواست رد سمجهي ويندي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان اي پي پي کي ٻڌايو ته سڄي ملڪ ۾ حج تربيت جو عمل جاري آهي. تربيت جو پهريون مرحلو 27 فيبروري تي ختم ٿيندو. رمضان المبارڪ کانپوءِ حج تربيت جي ٻئين مرحلي جي شروعات ٿيندي جيڪو آخري حج اڏام تائين جاري رهندو. حج تربيت جي ٻئين مرحلي ۾ حج جي قرضن جي ادائگي ۽ انتظامي معاملن بابت حج پانڌيئڙن کي آگاهي فراهم ڪئي ويندي.