اسلام آباد-20 فيبروري (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جو يو اين ڊي پي جي پاڪستان جي نمائندي ڊاڪٽر سيمونل رزڪ ۽ ان جي ٽيم سان فالو اپ ميٽنگ ڪئي. اجلاس ۾ پراجيڪٽس لاڳو ڪرڻ جي طريقيڪار کي مختلف بنايو ۽ پائيدار ترقياتي هدفن موجب قدمن جو پورٽ فوليو تيار ڪرڻ هو. ٻنهي ڌُرين پاڪستان جي معاشي ۽ ترقياتي رٿابندي ۾ ايس ڊي جيز تي ٻَڌل حڪمت عملين کي شامل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. يو اين ڊي پي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان پرائيويٽ سيڪٽر لاءِ ورڪشاپس منعقد ڪرڻ جي منصوبي کان آگاهه ڪيو ته جيئن اسٽيڪ هولڊرز وچ ۾ قابلِ عمل منصوبن تي اتفاق راءِ پيدا ڪري سگهجي. انهن ڪوششن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ لاءِ ناڻي واري وزير موسمياتي تبديليءَ واري وزارت، رٿابندي واري وزارت کان جلد کان جلد هڪ گڏيل ميٽنگ منعقد ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي ته جيئن گڏيل تعاون جا موقعا تلاش ڪري سگهجن ۽ ايس ڊي جي تي ٻَڌل منصوبن جي نشاندهي ڪري سگهجي. ناڻي واري وزير حڪومت جي يو اين ڊي پي ۽ ٻين ترقياتي ڀائيوارن سان گڏجي پاڪستان ۾ جٽادار ۽ جامع معاشي ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ جي عزم کي ٻيهر تصديق ڪئي. معاشي معاملن واري ڊويزن جي سيڪريٽري، موسمياتي تبديليءَ جي سيڪريٽري، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي جي نمائندن ۽ ناڻي ڊويزن جي سينيئر عملدارن ميٽنگ ۾ شرڪت ڪئي.