اسلام آباد-20 فيبروري (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقيءَ واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته وفاقي حڪومت صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ صوبائي حڪومت سان هر ممڪن تعاون لاءِ هر وقت تيار آهي، اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن پاڪستان کي حقيقي معنائن ۾ ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي. تازن ڄاول ٻارن جي سارسنڀال جي حوالي سان رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پهرين 3 سالن دوران ٻارن جي ذهنن جي 80 سيڪڙو واڌ ويجهه مڪمل ٿي وڃي ٿي پر زرعي ملڪ هئڻ باوجود اڄ پاڪستان جا 40 سيڪڙو ٻار غذائي کوٽ جو شڪار آهن، جيڪڏهن جسماني واڌ ويجهه پوري نه هجي ته ذهني ۽ تخليقي صلاحيتون پڻ متاثر ٿين ٿيون. احسن اقبال چيو ته پاڪستان جي آبادي گذريل 30 کان 40 سالن کان معياري غذائي کوٽ کي مُنهن ڏئي رهي آهي جڏهن ته ٻيا اُسرندڙ ملڪ ان عرصي ۾ هن مسئلي کي حل ڪري ويا آهن. هن ٻُڌايو ته غذائي کوٽ جو مسئلو وڌندڙ آباديءَ سان جڙيل آهي ۽ ٻار جون غذائي ضرورتون ماءُ جي صحت سان سلهاڙيل آهن. هن پاڪستان جي ترقياتي منصوبن تي ڳالهائيندي چيو ته اسان ترقيءَ جا ڪيترائي پروگرام بار بار متاثر ٿيندي ڏٺا آهن، مثال طور 2013ع ۾ ويزن 2025ع بڻايو ويو هو پر هي سياسي عدم استحڪام جي ور چڙهي ويو. هن 2017ع ۾ پرائيس واٽر هائوس ڪوپر جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ملڪ ان رفتار سان ترقي ڪري ها ته 2030ع تائين پاڪستان دنيا جي 20 وڏين معيشتن ۾ شامل ٿي سگهيو ٿي. هن چيو ته اسان کي طئي ڪرڻو آهي ته 2047ع ۾ پاڪستان معاشي ۽ سماجي ترقيءَ جي لحاظ کان ڪٿي بيٺل هوندو، تاريخ اسان کان پُڇندي ته 100 سالن ۾ اسان هڪ قوم جي حيثيت سان پاڪستان کي ڇا ڏنو. هن چيو ته اسان ايٽم بم ته ٺاهي ورتو پر تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ پوئتي رهجي وياسين. هن 18هين ترميم کانپوءِ صحت جي مسئلن تي وفاقي حڪومت جي سڌيءَ ريت ذميداري نه هئڻ جو ذڪر ڪندي چيو ته تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ سگهه وڌائڻ لاءِ صوبن کي وڌ کان وڌ وسيلا ڪتب آڻڻ جي ضرورت آهي. وفاقي حڪومت صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ صوبائي حڪومتن سان هر ممڪن تعاون ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهي. احسن اقبال چيو ته قومي ۽ صوبائي ادارن وچ ۾ هم آهنگي قائم ڪرڻ جي اسان جي ذميداري آهي. هن زور ڀريو ته اسان جي مستقبل جو دارومدار شام جي ٽاڪ شوز ۾ هڪٻئي کي هيٺاهون ڏيکارڻ تي نه پر عوام کي درپيش مسئلن تي بحث ڪرڻ تي آهي. هن چيو ته اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن پاڪستان کي حقيقي معنائن ۾ ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي.