اسلام آباد-18 فيبروري (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽي (سي ايس آر) جي معاشي ترقي، ماحولياتي تحفظ ۽ سماجي بهتريءَ ۾ اهم ڪردار تي زور ڀريندي چيو آهي ته حڪومت سي ايس آر قدمن کي پاليسي ۽ ڀائيواري ذريعي سهولت فراهم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. هو ڪالهه 17هين سي ايس آر سمٽ ۽ ايوارڊز 2025ع کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير سي ايس آر جي اهميت کي اجاگر ڪندي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن پائيدار ماهيگيري، سامونڊي وسيلن جو تحفظ ۽ سامونڊي برادرين جي ڀلائي کي هٿي ڏئي سگهجي. هن ڪاروباري ادارن کي ماحول دوست پاليسين، بحري تعليم ۽ بليو اڪانومي کي هٿي ڏيڻ کي پنهنجي سي ايس آر حڪمت عملي ۾ شامل ڪرڻ جي ترغيب ڏني. تعليم وارو وفاقي وزير، صحت، تجديد جوڳي توانائي، ماحولياتي تحفظ ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي جهڙوڪ قومي اهميت رکندڙ شعبن ۾ حڪومت ۽ ڪاروباري ادارن وچ ۾ سهڪار جي ضرورت تي به زور ڀريو. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تحفظ ۽ موسمياتي هڪجهڙائي جي ميدان ۾ نمايان اڳڀرائي ڪري رهيوآهي ۽ ڪاروباري ادارن کي پنهنجي سي ايس آر سرگرمين کي قومي ۽ عالمي جٽادار ترقي جي هدفن سان هم آهنگي ڪرڻ جي ضرورت آهي، خاص طور تي تجديد جوڳي توانائي، ڪاربن فٽ پرنٽ ۾ گهٽتائي ۽ ماحول دوست صنعتي طريقن کي هٿي ڏيڻ گهرجي. ايوارڊ حاصل ڪندڙ ادارن کي مبارڪون ڏيندي هن سماجي ڀلائي، ڪارپوريٽ اخلاقيات ۽ جٽادار ڪاروباري حڪمت عملين کي هٿي ڏيڻ ۾ سندس ڪردار کي ساراهيو ۽ ان کي وڌيڪ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ جي تلقين ڪئي. هن نيشنل فورم فار انوائرمينٽ اينڊ هيلٿ ۽ سندس ڀائيوارن طرفان ان سمٽ جو بندوبست ڪرڻ کي ساراهيو ۽ سي ايس آر جي شعبي ۾ بحث، تعاون ۽ علم جي ڏي وٺ لاءِ اهڙن پليٽ فارمز جي اهميت تي روشني وڌي. هن چيو ته اچو ته سڀ گڏجي خوشحال، مساوي ۽ جٽادار پاڪستان جي تعمير لاءِ ڪم ڪريون، اسان جون اجتماعي ڪوششون هاڪاري تبديلي آڻي سگهن ٿيون ۽ ضرورتمندن جي زندگي بهتر بڻائي سگهن ٿيون.