لاڙڪاڻو 17 فيبروري (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ ٻن ڏينهن وارو لاهوتي ميلو پڄاڻي تي پهتو، ميلي ۾ آمريڪا سميت پاڪستان ۽ سنڌ جي فنڪارن فن جو مظاهرو ڪري ماڻهن کي جهومڻ تي مجُبور ڪري ڇڏيو، ميلي ۾ مُختلف موضوعن تي ويهڪُون ٿيُون، جنهن ۾ ماهرن مُباحثن ۾ حصو ورتو، لاڙڪاڻو جي عوام وڏي انگ ۾ لاهوتي ميلي ۾ شرڪت ڪري تفريح جو مزو ماڻيو. لاڙڪاڻو ۾ هلندڙ ٻن ڏينهن واري لاهوتي ميلي ۾ آمريڪا جي مشھور آرٽسٽ ناٿن ٽورينس الگوزو وڄائي پنھنجي مظاهرو ڪيو،
شاهن رسيلي نيپالي فوڪ ڊانس پيش ڪري خوب داد ماڻيو، جڏهن ته مشھور اتحاد بينڊ پڻ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو، جڏهن ته نامياري ڊي جي سبرينا ٽيرينس، ناليواري فنڪاره حديقه ڪياني، عمير جسوال جي پرفارمنس ميلي ۾ آيل ماڻهن کي تفريح جو خُوب موقعو فراهم ڪيو، جڏهن ته سنڌ جي مشھور فنڪارن استاد غلام شبير سمون، ذوالفقار فقير، رجب فقير، سڄڻ سنڌي ۽ ٻين فنڪارن جڏهن ڳايو ته پنڊال ماڻهن جي تاڙين سان ٻهڪي اٿيو ۽ ماڻهُو جهُومڻ تي مجبُور ٿي ويا،
جڏهن ته مختلف ويهڪن ۾ ماهرن بحث ۾ حصو ورتو ۽ ماڻهن جي سوالن جا جواب ڏنا، جڏهن ته ميلي جي چيف آرگنائزر سيف سميجو لاڙڪاڻي جي عوام جا وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري ميلي کي ڪامياب بڻائڻ تي ٿورا مڃيا، ميلي جي پڄاڻي سنڌ جي ثقافتي گيت ھوجمالو سان ڪئي وئي. لاڙڪاڻو لاهوتي ميلي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو، پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين نثار احمد کهڙو، ثقافت ۽ سياحت جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ، ايم پي اي بئريسٽر ھالار وساڻ، ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻو جي چيئرمين اعجاز احمد لغاري، ميئر انور علي لھر، ڊپٽي ڪمشنر، ڊي آئي جي سميت وڏي انگ ۾ عوام شرڪت ڪئي.