اسلام آباد- 17 فيبروري (اي پي پي) عالمي بئنڪ چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ هر سال 12 لک کان وڌيڪ ۽ روزانو 3300 ڄڻا ٽريفڪ حادثن ۾ اجل جو شڪار ٿين ٿا. اها ڳالهه بئنڪ جي روڊ سيفٽي جي حوالي سان تازي رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گڏيل قومن جي انتظام هيٺ روڊ سيفٽي جي ٻئين ڏهاڪي جو پهريون حصو مڪمل ٿي رهيو آهي ۽ ان ۾ روڊن تي ٿيل حادثن ۾ فوتگين ۽ سخت زخمين کي 2030ع تائين اڌ ڪرڻ جو هدف حاصل ڪرڻ جي ضرورت پهريان کان وڌيڪ وڌي وئي آهي، اهي هدف گڏيل قومن جي پائيدار ترقياتي هدفن ۾ به شامل آهي، ٽريفڪ حادثن ۾ فوتگين ۽ زخمين ۾ ٻارن ۽ نوجوانن جي شرح وڌيڪ آهي. رپورٽ مطابق روڊ سيفٽي جي پهرين ڏهاڪي (2011 کان 2020ع) دوران به اهو ئي هدف مقرر ڪيو ويو هو پر ان عرصي ۾ ذڪر جوڳي اڳڀرائي باوجود گهربل نتيجا حاصل نه ڪري سگهيا، جڏهن ته انهن تجربن مان حاصل ٿيل ڄاڻ سبب مستقبل جي حڪمت عملين لاءِ هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻئي ڏهاڪي ۾ روڊ سيفٽي جي حڪمت عملين کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ڊيٽا، تحقيق ۽ بهترين عالمي مثالن سان مدد ورتي پئي وڃي. رپورٽ مطابق 2013ع کان 2023ع وچ ۾ عالمي بئنڪ سڌي ريت روڊ سيفٽي جي منصوبن ۾ مجموعي طور تي 3.34 ارب ڊالر جي معاونت فراهم ڪئي آهي جنهن سان سڄي دنيا ۾ لکين ماڻهن کي محفوظ روڊن تائين پهچ ملي. 2018ع کان 2023ع دوران عالمي بئنڪ جي مالي تعاون سان هلندڙ ٽرانسپورٽ منصوبن سان 65 ملين ماڻهن کي محفوظ روڊن جي سهولت فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملي. رپورٽ ۾ روڊ سيفٽي لاءِ نجي سيڙپڪاري ۽ وڌيڪ متاثر ملڪن لاءِ جديد اوزار ۽ طريقي ڪار وضع ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.