اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي)ايشيائي ترقياتي بئنڪ چيو آهي ته زرعي تعليم کي جديد بنائڻ سان زرعي انقلاب جو نئون دؤر شروع ٿي سگهي ٿو. اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان جاري تازي رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته محنت طلب، گهٽ ٽيڪنالاجي رکندڙ ۽ گهٽ اُجرت وارو پيشو سمجهندي عام طور تي زرعي يونيورسٽين جا ڪيترائي گريجوئيشن حڪومتي نوڪرين طرف وڃن ٿا ۽ زراعت جي شعبي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ کان پاسو ڪن ٿا جڏهن ته ايندڙ زرعي انقلاب جي ڪُنجي زرعي تعليم کي جديد بنائڻ ۽ اعليٰ ٽيڪنالاجي ذريعي اُسرندڙ ملڪن ۾ جٽادار ترقي ۽ معاشي خوشحاليءَ کي هٿي ڏيڻ ۾ لِڪل آهي. رپورٽ ۾ زرعي تعليم کي جديد بنائڻ لاءِ مختلف شعبن جي ماهرن جو هڪٻئي سان ڪم ڪرڻ، زراعت ۾ مصنوعي ذهانت جي استعمال، مڪينيڪل انجنيئرڊ ڊرونز ۽ روبوٽس جي استعمال جي سفارش ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته زرعي يونيورسٽين کي مقامي سطح تي ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ جي اڳواڻي ڪرڻ گهرجي ۽ خاص طور نوجوانن کي ان عمل ۾ شامل ڪري آبادگارن کي فائدو پهچائڻ گهرجي. رپورٽ موجب زرعي ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ لاءِ عالمي اتحاد ۽ تعاون ضروري آهي، ان سلسلي ۾ ڏکڻ ڪوريا گلوبل هاءِ ٽيڪ ڪلائمينٽ سمارٽ ايگريڪلچرل يونيورسٽي نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ ۾ دلچسپي وٺي رهيو آهي، هر ذيلي خطي جي هڪ ناليواري يونيورسٽي کي علائقائي مرڪز طور ڪم ڪرڻ گهرجي جيڪو عالمي مرڪزن سان جديد ترين زرعي ٽيڪنالاجيز حاصل ڪرڻ ۽ ان کي مقامي چئلينجز کي نظر ۾ رکندي پنهنجي خطي ۾ هٿي ڏئي سگهجي. بنگلاديش ايگريڪلچرل يونيورسٽي ۽ زرعي يونيورسٽي فيصل آباد ان نيٽ ورڪ ۾ شامل ٿيڻ ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪري رهيون اهن.