اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان سدائين علائقائي ۽ عالمي امن جي لاءِ پرعزم رهيو آهي، گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ پاڪستان جون خدمتون عالمي امن جي عزم جو ثبوت آهن، سعودي عرب سميت ڪيترن ئي دوست ملڪن جي آفيسرن جي موجودگي عالمي تعاون جي علامت آهي. جاري پڌرائي موجب وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا جي تربيت هيٺ ملڪي ۽ غيرملڪي آفيسرن کي ايوان صدر ۾ خطاب ڪيو. هن چيو ته پاڪستان سدائين علائقائي ۽ عالمي امن جي لاءِ پرعزم رهيو آهي، گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ پاڪستان جون خدمتون عالمي امن جي عزم جو ثبوت آهن. وقتي صدر چيو ته پيشيواراڻي آفيسرن سان ملي فخر محسوس ڪري رهيو آهيان، برطانيا، چين، ترڪيه، سعودي عرب سميت ڪيترن ئي دوست ملڪن جي آفيسرن جي موجودگي عالمي تعاون جي علامت آهي. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا قيادت جي درسگاهه ۽ اسٽريٽجڪ ذهنن جو مرڪز آهي. هن چيو ته جديد دور ۾ سيڪيورٽي چئلينجز ۾ هائبرڊ وار فيئر، سائبر خطرن ۽ غيرروايتي جنگي حڪمت عملي شامل آهي. وقتي صدر چيو ته چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جدت، موافقت ۽ دورانديشي کي اختيار ڪريو، پاڪستان پنهنجي دفاعي صلاحيتن کي جديد بڻائڻ ۽ هٿياربند فوج کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته قومي يڪجهتي ۽ عوام جو اعتماد پاڪستان جي اصل طاقت آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته عالمي آفيسرن جي نمائندگي مختلف قومن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿي. وقي صدر چيو ته قيادت جي بنيادي اصول ديانتداري، همت ۽ خدمت کي سدائين برقرار رکو، عالمي فوجي تعاون جي فروغ ۾ ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج جو ڪردار اهم آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان پنهنجي آفيسرن جي خدمتن تي فخر ڪري ٿو، عالمي برادري سان لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا.