لاهور – 07 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم جا رانديگر پاڪستاني قوم جا هيرو آهن، چيمپيئنز ٽرافي توهان جي فتح جي منتظر آهي، اسان ان وقت جو انتظار ڪنداسين جڏهن توهان ڀارت کي شڪست ڏيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن قذافي اسٽيڊيم جي نئين سر تعمير جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، محسن نقوي، احسن اقبال، راڻا تنوير حسين، اعظم نذير تارڙ، خالد مقبول صديقي، پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ملڪ احمد خان، آمريڪي قونصليٽ جا عملدار، قومي ٽيم جا رانديگر، پي سي بي آفيشلز، فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن ۽ نيسپاڪ جا آفيسر موجود هئا. وزيراعظم 117 ڏينهن ۾ اسٽيٽ آف دي آرٽ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي نئين سر تعمير تي گهرو وزير ۽ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته اڄ خوشي جو ڏينهن آهي، قذافي اسٽيڊيم جي نئين سر تعمير شاندار طريقي سان مڪمل ٿي. ڪنٽريڪٽر ۽ ورڪرز محسن نقوي جي نگراني ۾ ناممڪن ڪم کي ممڪن ڪري ڏيکاريو جنهن تي انهن کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته محسن نقوي ان اهم منصوبي ۾ ڏينهن رات ڪم ڪندڙن جي حوصلا افزائي ڪري. محمد شهباز شريف چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ اسٽيڊيم جي تعمير ۾ مدد فراهم ڪئي جنهن تي هو پنجاب حڪومت جا ٿورا ادا ڪري ٿو. هن چيو ته شهباز اسپيڊ ماضي جي ڳالهه آهي آئون محسن اسپيڊ جي ڳالهه ڪريان ٿو جنهن سچي دل سان ڪم ڪيو. وزيراعظم قومي رانديگرن کي مخاطب ڪندي چيو ته هو انهن کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪري ٿو جن سٺي ڪرڪيٽ کيڏي قوم جون دليون کٽيون آهن. هن چيو ته پاڪستاني رانديگر هوشيار آهن، چيمپيئنز ٽرافي توهان جي فتح جي منتظر آهي، الله توهان جي مدد ڪندو، اسان ان وقت جو انتظار ڪنداسين جڏهن توهان ڀارت کي شڪست ڏئي قوم جي دل کٽيندا. وزيراعظم شهباز شريف شاهين آفريدي کي چيو ته هو پنهنجي سُهري جي نقش قدم تي هلندي وڪيٽن جا انبار لڳائي، الله تعاليٰ چيمپيئنز ٽرافي کي پاڪستان جي جهوليءَ ۾ وجهندو. وزيراعظم چيو ته جڏهن هو حڪومت ۾ آيا ته پهرين 8 مهينن ۾ مهانگائي ان رفتار سان وڌي رهي هئي جنهن رفتار سان آسٽريليا جي فاسٽ بالر ڊينس للي جي بال هلندي هئي. هن چيو ته پاڪستان ۾ معاشي استحڪام به ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي. هن چيو ته قومي ٽيم ڀارتي رانديگرن کي اهڙي طرح ٽف ٽائيم ڏي جهڙي طرح ڊينس للي انتخاب عالم کي ڏنو هو. وزيراعظم چيو ته 29 سالن کانپوءِ وڏو ايونٽ ٿيڻ وڃي رهيو آهي، پنجاب جي وزيراعليٰ بهترين سيڪيورٽي ۽ محسن نقوي شاندار انتظام ڪندا جنهن سان شائقين کي بهترين ڪرڪيٽ ڏسڻ جي لاءِ ملندي. تقريب کي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پڻ خطاب ڪيو.