اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ملڪي سيريز جي پهرين ميچ 8 فيبروري تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽه ملڪي سيريز جي پهرين ميچ ڊي اينڊ نائيٽ هوندي. نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا جون ڪرڪيٽ ٽيمون پاڪستان جي دؤري تي آيل آهن، جتي ٽنهي ٽيمن وچ ۾ ٽه ملڪي ون ڊي سيريز کيڏي ويندي. ٽه ملڪي ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ ميزبان پاڪستان ۽ مهمان نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ 08 فيبروري تي ۽ ٻي ميچ 10 فيبروريءَ تي لاهور ۾ کيڏي ويندي. پاڪستاني ٽيم جي اڳواڻي محمد رضوان ڪندو، جڏهن ته نيوزيلينڊ جي ٽيم کي مچل سينٽنر ليڊ ڪندو. سيريز جي ٽين ميچ 12 فيبروريءَ تي پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏي ويندي. بهترين پوائنٽس وارين ٻن ٽيمن وچ ۾ ٽه ملڪي ون ڊي سيريز جو فائنل 14 فيبروري تي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيو ويندو.