ڪيلفورنيا _ 7 فيبروري (اي پي پي ) ٽائيگر ووڊ فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ جينيسس انويٽيشنل اوپن گالف ٽورنامينٽ جو 99 هون ايڊيشن 13 فيبروري کان آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ شروع ٿيندو . ٽورنامينٽ ڪامياب نموني منعقد ٿيڻ لاءِ تياريون جاري آهن. اهو ٽورنامينٽ پي جي اي ٽور جو مشهور گولف ايونٽ آهي جيڪو پهريون ڀيرو 99 سال اڳ 1926ع ۾ لاس اينجلس اوپ جي طورتي کيڏيو ويو هو. ٽورنامينٽ 71 هولز تي کيڏيو ويندو . ٽورنامينٽ ۾ ٽينس جي دنيا جا مشهور رانديگر ايڪشن ۾ نظر ايندا. پي جي اي ايونٽ ۾ جاپان جو مشهور گالفر هيڊيڪي ماتسوما پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪندو. ٽورنامينٽ لاءِ 2 ڪروڙ آمريڪي ڊالرن جي انعامي رقم مقرر ڪئي وئي آهي .13 فيبروري کان شروع ٿيندڙ اهو ايونٽ 4 ڏينهن تائين جاري رهڻ بعد 16 فيبروري تي ختم ٿيندو.