اسلام آباد – 04 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ سستي علاج کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ڪينسر عوامي صحت جو هڪ وڏو چئلينج آهي، ان موذي بيماري جي روڪٿام، تشخيص ۽ موثر علاج جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ گهرجن. ڪينسر کان بچاءُ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ڪينسر کان بچاءُ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان ان موذي مرض جي خلاف آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ ڪينسر سان وڙهڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا، عالمي سطح تي ڪينسر موت جو ٻيو وڏو سبب آهي، پاڪستان ڪينسر جي تحقيق، علاج ۽ مريضن جي سارسنڀال ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي، طبي سائنس ۾ اڳڀرائي، مرض جو جلد پتو لڳائڻ ۽ صحت جي بهتر سهولتن سان ڪينسر جي مريضن جي لاءِ بهتر نتيجا حاصل ٿيا آهن جڏهن ته ڪينسر عوامي صحت جو هڪ وڏو چئلينج آهي ۽ اسان کي ان بيماري جي روڪٿام، تشخيص ۽ موثر طريقي سان علاج جي لاءِ پنهنجون گڏيل ڪوششون جاري رکڻ گهرجن. وزيراعطم چيو ته جيتوڻيڪ ڪجهه عمل جيئن ته جينياتي رجحان ۽ ماحولياتي اثر اسان جي ضابطي کان ٻاهر آهن جڏهن ته اهڙا بي شمار اهم قدم آهن جيڪي اسان ڪينسر جي خطري کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ کڻي سگهون ٿا، وقت سر سڃاڻپ، موثر علاج ۽ باقاعده ورزش ان بيماري کي روڪڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي، ڪينسر جي موثر علاج جي لاءِ جلد تشخيص تمام ضروري آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ڪينسر کان بچاءُ جي بنيادي ڍانچي کي مضبوط بڻائن، تحقيق ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۽ سڀني جي لاءِ سستي ۽ معياري علاج تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان ان خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي تعاون جي اهميت کي تسليم ڪري ٿو ۽ اسان تحقيقي ۽ طبي اڳڀرائي کي اڳتي وڌائڻ ۾ عالمي برادري سان بامعنيٰ ۽ نتيجاخيز تعاون ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان ڪينسر جي جلد تشخيص ۽ سستي علاج کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا، آئون لاڳاپيل ڌرين کي دعوت ڏيان ٿو ته اهي ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ، متاثر ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۽ قوم جي لاءِ هڪ صحتمند، ڪينسر کان پاڪ مستقبل طرف فعال قدم کڻڻ جي لاءِ تعاون ڪن.