اسلام آباد-31 جنوري (اي پي پي) سول سروسز اڪيڊمي لاهور، رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وزارت پائيدار تعليمي ۽ پيشيوراڻي سهڪار جي فريم ورڪ طور مفاهمت جي يادداشت تي صحيحيون ڪيون آهن. ڊائريڪٽر جنرل سول سروسز اڪيڊمي لاهور فرحان عزيز ۽ رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وزارت جي سيڪريٽري اويس منظور سمرا اسلام آباد ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحيون ڪيون. سول سروس اڪيڊمي لاهور طرفان جاري بيان موجب اهو سهڪار عوامي خدمتن کي هٿي ڏيڻ ۽ پائيدار قومي ترقي ۾ حصو وجهڻ لاءِ اڪيڊمي جي ڪوششن ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي نشاندهي ڪري ٿو. ان مفاهمت نامي سان اڪيڊمي طرفان پيش ڪيل پري سروس ۽ ان سروس ٽريننگ پروگرامن جي تاثير ۾ اضافو ٿيندو. ايم او يو تحت اڪيڊمي ۽ وزارت اقتصادي منصوبابندي، پاليسي سازي ۽ ترقياتي عمل ۾ علم ۽ مهارت جي مٽاسٽا سميت اهم شعبن ۾ سهڪار ڪندا. ٻئي ڌريون شاهدين تي ٻڌل فيصلا سازي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۽ وسيلن جي مٽاسٽا کانسواءِ گڏيل تحقيقي قدم کڻڻ لاءِ ٽريني آفيسرن جي صلاحيت ۾ اضافي تي ڪم ڪنديون.ايم او يو تحت گڏيل سيمينارز، پينل ڊسڪشنز ۽ چائنا پاڪستان اڪنامڪ ڪاريڊور جي اقتصادي زونز ۽ پروجيڪٽ سائٽس جي دورن کي به يقيني بڻايو ويندو.