ڍاڪا- 30 جنوري (اي پي پي) بنگلاديش پريمئير ليگ (بي پي ايل) جي يارھين ايڊيشن ۾ پھرين فيبروري تي وڌيڪ ٻه ميچون کيڏيون وينديون. ٻنھي ميچن ۾ فارچيون باريشال ۽ چٽا گانگ ڪنگز جون ٽيمون زور آزمائي ڪنديون. بنگلاديش پريمئير ليگ (بي پي ايل) جا دلچسپ مقابلا بنگلاديش ۾ جاري آھن جنھن ۾ دنيا جا مشهرو رانديگر پنھنجي صلاحتين جو مظاھرو ڪندا ۽ ڪرڪيٽ جي مداحن کي دلچسپ ۽ ڪانٽيدار مقابلا ڏسڻ وٽان ملي رھيا آھن. بنگلاديش پريمئير ليگ ۾ پھرين فيبروري تي ميگا ايونٽ جي 41 ھين ميچ ۾ ڍاڪا ڪيپٽلز ۽ کلنا ٽائيگرز جون ٽيمون آمھون سامھون ٿينديون. ڍاڪا ڪيپٽلز جي قيادت لٽن داس ڪندو ۽ کلناٽائيگرز جي ٽيم جي قيادت مھدي حسن مرزا ڪندو. ساڳي ڏينھن ٽورنامينٽ جي 42 ھين ميچ ۾ فارچيون باريشال ۽ چٽاگانگ ڪنگز جون ٽيمون مقابلو ڪنديون. فارچيون باريشال جي ٽيم جي قيادت تميم اقبال ڪندو جڏھن ته چٽا گانگ ڪنگز جي ٽيم کي محمد مٿن ليڊ ڪندو. بي پي ايل جون ٻئي ميچون شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم، ڍاڪا ۾ کيڏيون وينديون. بنگلاديش پريمئير ليگ جي فائنل ميچ 7 فيبروري تي ڍاڪا ۾ کيڏي ويندي.