ڪوٽلي- 30 جنوري (اي پي پي) آزاد ڪشمير ۾ پاڪ آرمي جي انتظام ھيٺ قائداعظم فٽبال ٽورنامينٽ شروع ٿي ويو آھي. ٽورنامينٽ ۾ آزاد ڪشمير جي سمورن ضلعن جون ٽيمون ڀرپور نموني حصو وٺي رھيون آھن، ٽورنامينٽ 5 فيبروري تائين جاري رھندو. افتتاحي تقريب ۾ پاڪ آرمي جي آفيسرن، سول سوسائٽي، واپاري برادري، اسڪول جي ٻارن ۽ مختلف طبقي جي نمائندن شرڪت ڪئي. افتتاحي تقريب دوران ٽرافي جي مهورت ڪئي وئي ۽ پکين کي فضا ۾ ڇڏيو ويو، جيڪي شرڪت ڪندڙن لاءِ دلچسپ ۽ متاثر ڪندڙ لمحا ھئا. مقامي رانديگرن ۽ عوام پاڪ آرمي جي انهن قدمن کي ساراھيو ويو ڇو ته اھو نوجوانن کي پنھنجي صلاحيتن کي ظاھر ڪرڻ جو بھترين موقعو فراھم ڪري ٿو. اھو ٽورنامنيٽ علائقي ۾ راندين جي ثقافت کي ھٿي ڏيڻ ۽ نوجوانن کي ھاڪاري سرگرمين طرف راغب ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رھيو آھي. ٽورنامينٽ 5 فيبروري تائين جاري رھندو، جنھن دوران ھر ضلعي جي ٽيم پنھنجي بھترين ڪارڪردگي جو مظاھرو ڪندي. پاڪ آرمي جي اھا ڪوشش راندين کي ھٿي ڏيڻ لاءِ ھڪ ھاڪاري قدم آھي ۽ ان علائقي ۾ ھڪ نئي روايت قائم ڪئي آھي. ٽورنامينٽ ۾ شريڪ رانديگرن پاڪ فوج ۽ انتظاميا لاءِ ٽورنامينٽ منعقد ٿيڻ تي شڪريو ادا ڪيو ۽ مستقبل ۾ به اھڙي طرح جا ايونٽس منعقد ٿيڻ جي خواھش جو اظھار ڪيو.