اسلام آباد-28 جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان سان نادرا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل منير افسر پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ نادرا جي خدمتن ۽ ڪارڪردگيءَ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب وقتي چيئرمين چيو ته بلوچستان ۾ عوام کي شناختي ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ نادرا جي پهرين ترجيح هئڻ گهرجي. هن بلوچستان ۾ شناختي ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي عمل کي آسان ۽ تيز ڪرڻ تي زور ڀريو ۽ چيو ته نادرا جا قدم بلوچستان جي عوام جي خدمت جو شيوو هئڻ گهرجي. هن چيو ته صوبي جي ڏورانهن علائقن ۾ عوام کي شناختي ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۾ پيش ايندڙ ڏُکيائين جي خاتمي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن. نادرا چيئرمين، سينيٽ جي وقتي چيئرمين کي بلوچستان ۾ نادرا جي جاري منصوبن تي تفصليي بريفنگ ڏني ۽ اداري طرفان کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو. وقتي چيئرمين، نادرا جي ڪارڪردگي تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته نادرا کي جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال کي هٿي ڏيڻ گهرجي ۽ شناختي ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي عمل کي شفاف ۽ آسان بڻايو وڃي.