اسلام آباد-24 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ اٺون گڏيل ڪميشن جو اجلاس اسلام آباد ۾ ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتو، ٻنهي ملڪن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اجلاس جي گڏيل صدارت پاڪستان جي دفاعي پيداوار بابت وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ آذربائيجان جي دفاع ۽ صنعت بابت وزير وگار مصطفائيف ڪئي. اجلاس دوران واپار، دفاع، توانائي، آءِ ٽي، زراعت، ٽرانسپورٽ، صحت، تعليم ۽ ٻين اهم شعبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ لاءِ بامعنيٰ ڳالهيون ڪيون ويون. دفاع واري وزير خواجه آصف پنهنجي خطاب ۾ چيو ته آذربائيجان جو دفاع واري وزير وگار مصطفائيف ۽ سندس وفد کي پاڪستان ۾ آجيان چوڻ اسان لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل احترام، ثقافتي رابطن ۽ عالمي معاملن تي يڪجهتي تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ سطح جي وفد جي مٽاسٽا سميت صدر الهام عليوف ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي دورن دفاع، توانائي ۽ واپار جهڙن اهم شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏني آهي. اڄ ٿيل ڳالهه ٻولهه جي نتيجي ۾ اهم معاهدا طئي ٿيا آهن جيڪي زراعت، آءِ ٽي، دفاع ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين. هن ان موقعي تي آذربائيجان جي حڪومت جو ٿورو مڃيو ۽ ان حصيداري کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. آذربائيجان جي دفاع ۽ صنعت واري وزير چيو ته اٺين گڏيل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت مون لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ دوستي هميشه گڏيل احترام، گڏيل قدرن ۽ هڪٻئي جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي پختي حمايت تي قائم رهي آهي. اڄ جون ڳالهيون ان عزم جو اظهار آهن ته اسان دفاع، واپار، توانائي، تعليم ۽ زراعت جهڙن اهم شعبن ۾ حصيداري کي وڌيڪ هٿي ڏينداسين. هن چيو ته نئين گڏيل ورڪنگ گروپس جي جوڙجڪ هڪ اهم اڳڀرائي آهي جيڪا ٻنهي ملڪن وچ ۾ ويجهي سهڪار کي وڌيڪ ڏيندي. اقتصادي معاملن بابت وفاقي سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز چيو ته اقتصادي معاملن واري وفاقي وزارت جي انتظام هيٺ ان اجلاس جي ميزباني ڪرڻ اسان لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، اسان واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل طور فائديمند قدمن جي سهولت فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون. اهو گڏيل ڪميشن ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل ويزن جي علامت آهي. گڏيل ڪميشن ۾ اهم معاهدا ۽ فيصلا ڪيا ويا جن ۾ واپاري ۽ اقتصادي سهڪار، ٻنهي ملڪن وچ ۾ جولاءِ 2024ع ۾ صحيحون ڪيل پاڪستان – آذربائيجان ترجيحي واپاري معاهدي تي عمل تي اتفاق ڪيو. مستقبل جو لائحه عمل طئي ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته نائين گڏيل ڪميشن جو اجلاس 2027ع ۾ باڪو آذربائيجان ۾ منعقد ٿيندو. پاڪستان ۽ آذربائيجان ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته هو ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا.