اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته 2025ع ۾ ٻن ميگا منصوبن قراقرم هاءِ وي فيز-2 ۽ پاڪستان ريلوي جي مين لائن هڪ تي ڪم شروع ڪيو ويندو، جيڪو چين ۽ پاڪستان وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيندو، پاڪستان ۾ رهندڙ چيني شهرين کي سموريون امڪاني سهولتون ۽ فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. ڪالهه چيني ڪارڪنن، فني ماهرن ۽ انجنيئرن جي خدمتن جو اعتراف ڪيو، جن پاڪستاني ورڪ فورس سان گڏجي سي پيڪ فيز-1 جي منصوبن کي ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪيو. هن پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس (پي اين سي اي) ۾ چيني اسپرنگ فيسٽيول جي تقربين دوران خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ مڪمل ٿيل سي پيڪ فيز-1 جا منصوبا پاڪستان ۽ چين جي لازوال دوستيءَ جون علامتون آهن جيڪي هر گذرندڙ وقت سان وڌيڪ مضبوط ٿي رهيون آهن. احسن اقبال ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته جيئن ئي سي پيڪ پنهنجي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿيندو ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار ۽ هم آهنگي وڌيڪ وڌندي، جنهن سان نه صرف پاڪستان پر پوري خطي کي فائدو پهچندو. هن ٻُڌايو ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال، خاص اقتصادي زونز جي قيام ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سهڪار تي خاص ڌيان ڏنو ويندو، جنهن سان پاڪستان جي روانگي واپار ۾ واڌ ممڪن ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ويزن آهي ته دنيا خاص ڪري چين جي آءِ ٽي ماهرن جي مهارت مان فائدو کنيو وڃي ۽ پاڪستاني نوجوانن کي جديد آءِ ٽي مهارتن سان سينگاريو وڃي ته جيئن هو جديد دؤر جي گهرجن کي پورو ڪري سگهن. معدنيات جي شعبي ۾ سهڪار تي تبصرو ڪندي هن چيو ته نجي شعبي ذريعي ڪاروباري بنيادن تي سيڙپڪاري ۽ سهڪار کي هٿي ڏني ويندي. پاڪستان ۽ چين جي دوستيءَ کي نقصان پهچائيندڙ ڌُرين کي واضح پيغام ڏيندي هن چيو ته هو پنهنجي ناپاڪ سازشن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جا ناتا گڏيل ۽ اڻٽُٽ اعتماد تي ٻَڌل آهن. هن پاڪستان ۽ چين جي 7 ڏهاڪن تي ٻَڌل دوستي کي هڪ خوبصورت گلدستي سان ڀيٽيو ۽ چيو ته مستقبل ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندو.