گوادر-20 جنوري (اي پي پي) هوابازي واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ ملڪي معيشت ۾ تبديليءَ جو سبب بڻجندو. پاڪستان جي هوابازي جي تاريخ ۾ هي هڪ اهم موقعو آهي. سي پيڪ ۾ شموليت کانپوءِ گوادر ترقيءَ جي راهه تي گامزن آهي، واپار ۽ سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ گوادر اهم ڪردار ادا ڪندو. هي منصوبو عظيم ڪاميابين جو هڪ منفرد مثال آهي، جنهن تي سڀني کي فخر آهي. اهڙو اظهار هن نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي آپريشنلائزيشن جي موقعي تي رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته نيو گوادر بين الاقوامي هوائي اڏي جي آپريشنلائزيشن جو موقعو نه صرف پاڪستان جي هوابازي جي تاريخ ۾ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو پر اسان جي ملڪ جي ترقي ۽ اڳڀرائيءَ جي عزم کي به ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته نيو گوادر بين الاقوامي هوائي اڏي جي تاريخ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه ۾ شموليت سان 15-2014ع کان شروع ٿي، سي پيڪ جي بانين گوادر جي علائقائي رابطن ۽ اقتصادي ترقيءَ جي ڪردار کي تسليم ڪندي هن جديد هوائي اڏي جي قيام کي ترجيح ڏني ته جيئن پاڪستان ۽ دنيا وچ ۾ هڪ اهم رابطو فراهم ڪري سگهجي. نيو گوادر هوائي اڏي جي تعمير، انجنيئرنگ ۽ تعاون جو هڪ عظيم ڪارنامو آهي. هي بلند همت وارو منصوبو پاڪستان ۽ چيني ٽيمن جي بي پناهه ڪوششن ۽ لڳن جو زندهه مثال آهي. ان جي هم آهنگي، مهارت ۽ ثابت قدمي ان هوائي اڏي کي عالمي معيار مطابق بڻائڻ ۾ مدد ڪئي آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان کي هن خوبصورت تحفي لاءِ چيني حڪومت جو ٿورو مڃڻ گهرجي جنهن هي خوبصورت تحفو پاڪستان ۽ خاص ڪري بلوچستان جي عوام کي فراهم ڪيو. هن چيو ته اڄ اسان ان جديد منصوبي جي آپريشنلائزيشن جو مشاهدو ڪريون ٿا جن ان جي تڪميل ۾ حصو ورتو. منصوبي جي ٽيمن، انجنيئرز، معمار، مزدور ۽ سمورن شرڪت ڪندڙن مثالي، پيشيوراڻي رويي ۽ عزم جو مظاهرو ڪيو، ان جي محنت نه صرف هڪ هوائي اڏو بڻايو پر مستقبل جي اميد ۽ ترقيءَ جو نشان به تعمير ڪيو. هوائي واري وزير چيو ته نيو گوادر بين الاقوامي هوائي اڏو بلوچستان پر پوري ملڪ لاءِ تبديليءَ جا فائدا آڻڻ لاءِ تيار آهي. هي صرف هوائي اڏو نه پر لامحدود موقعن جو هڪ دروازو آهي، هي نئون انفراسٽرڪچر واپار ۽ سياحت کي وڌائڻ ۾ مدد ڪندو جنهن سان ترقي، خوشحالي نه صرف ان علائقي پر پوري پاڪستان لاءِ ميسر ٿيندي. هن چيو ته بلوچستان جي عوام لاءِ هي هوائي اڏو هڪ نئين دؤر جي خوشحاليءَ جو نشان آهي جنهن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. مقامي ماڻهن کي روزگار ملندو ۽ مقامي ماڻهن جي زندگيءَ جو معيار بهتر بڻائيندو. هوائي اڏي جي موجودگي سيڙپڪارن کي هتي راغب ڪندي. اقتصادي سرگرمين کي هٿي ڏيندي ۽ ثقافتي تيارين کي هٿي ملندي جنهن سان هڪ متحرڪ ڪميونٽي پيدا ٿيندي، جڏهن اسان ان اهم موقعي جو جشن ملهايون ٿا ته اسان کي مستقبل طرف به خوشخبري ۽ عزم سان ڏسڻ گهرجي. نيو گوادر بين الاقوامي هوائي اڏو عظيم ڪاميابين جو بنياد ۽ اسان جي ملڪ جي صلاحيتن جو نشان آهي ۽ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان اتحاد ۽ تعاون ذريعي ڇا حاصل ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته منصوبي ۾ حصو وٺندڙ ماڻهن جي عظيم ڪاميابين ۽ ڪوششن کي ساراهيون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته اسان گڏجي هڪ خواب کي حقيقت ۾ تبديل ڪيو آهي ۽ گڏجي پاڪستان لاءِ هڪ روشن ۽ خوشحال مستقبل جي تعمير جاري رکنداسين.