اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جنگ گروپ جي اهتمام هيٺ ميڊيا ڪرڪيٽ ليگ منعقد ڪرڻ کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو آهي ته راندين جي ميدانن کي آباد رهڻ گهرجي، چيمپيئنز ٽرافي جي پاڪستان ۾ انعقاد جي لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، هي سال پاڪستان جي ڪاميابين جو سال آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي، ملڪ جي معيشت بهتري طرف گامزن آهي، 8 فيبروري جو ڏينهن تعمير ۽ ترقي جي طور تي ملهائينداسين، معاشي استحڪام سياسي استحڪام سان واڳيل آهي. شاليمار ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ جنگ گروپ جي اهتمام هيٺ ميڊيا ڪرڪيٽ ليگ 2025ع جي پڄاڻي واري تقريب جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير خيبر ٽي وي کي ٽورنامينٽ جو فائنل کٽڻ ۽ جنگ گروپ جي رنر اپ ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ميڊيا ڪرڪيٽ ليگ جو انعقاد خوش آئنده آهي، ڪرڪيٽ ليگ ۾ اٽڪل 67 مئچون ٿيون جن ۾ سمورن ميڊيا چينلز جي ٽيمن حصو ورتو. اطلاعات واري وفاقي وزير اهڙي طرح جي وڌيڪ ٽورنامينٽ جي انعقاد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ٽيپ بال ٽورنامينٽ جي ڪري وفاقي گادي واري شهر ۾ رونق لڳل رهي. وفاقي وزير بهترين ٽورنامينٽ منعقد ڪرڻ تي جنگ ميڊيا گروپ ۽ منتظمين کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ملڪ ۾ راندين ۽ اسپورٽ مين اسپرٽ کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته حڪومت ٽيلينٽ کي وڌيڪ اڀارڻ جي لاءِ ڪاربند آهي. وفاقي وزير چيو ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم به فتح حاصل ڪري رهي آهي، گذريل ڏينهن پاڪستان ويسٽ انڊيز کي ٽيسٽ مئچ ۾ شڪست ڏني، آسٽريليا کي آسٽريليا ۾ شڪست ڏني، ڏکڻ آفريقا ۾ به قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي بهتر رهي. هن چيو ته چيمپيئنز ٽرافي جو پاڪستان ۾ انعقاد اسان جي خوش نصيبي آهي، ان سان اسان جي ڪرڪيٽ گرائونڊن جون رونقون بحال ٿينديون، جڏهن اسان چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني ڪنداسين ته دنيا جون بهترين ٽيمون پاڪستان اينديون ۽ پنهنجي راند پيش ڪنديون، ڪرڪيٽ جي شوقينن کي بهترين راند ڏسڻ لاءِ ملندي. هن چيو ته پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ۽ سندس پوري ٽيم جي ڀرپور ڪوشش آهي، وزيراعظم پڻ پوري ٽيم کي بااختيار ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ 27 سالن کانپوءِ شنگهائي تعاون تنظيم جو اجلاس ٿيو، اهڙي طرح هاڻي چيمپيئنز ٽرافي پڻ پاڪستان ۾ منعقد ٿي رهي آهي جنهن جي لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. هن سموري ميڊيا جي انتظاميا کي چيو ته اها اهڙي طرح جا ٽورنامينٽس منعقد ڪن، اطلاعات واري وزارت ان حوالي سان مڪمل تعاون فراهم ڪندي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته معيشت جي حوالي سان سٺيون خبرون اچي رهيون آهن، مهانگائي گهٽ ٿي رهي آهي، وياج جي شرح هيٺ وڃي رهي آهي، دنيا جا وڏا مالياتي ادارا پاڪستان تي اعتماد جو اظهار ڪري رهيا آهن، اسٽاڪ مارڪيٽ تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي. هن چيو ته اليڪشن جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي وزيراعظم 8 فيبروري کي تعمير ۽ ترقي جي ڏهاڙي جي طور تي ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي، هي سال ڪاميابين جو سال رهيو آهي، معيشت بحال ٿي آهي، پاڪستان ۾ وڏا وڏا ايونٽس منعقد ٿي رهيا آهن، مختلف شعبن ۾ فتح ملي رهي آهي. هن چيو ته 8 فيبروري جو ڏينهن ڀرپور طريقي سان تعمير ۽ ترقي جي ڏهاڙي جي طور تي ملهائينداسين، هاءِ اچيورز کي گهرائي ايوارڊ ڏنا ويندا. عطاءُ الله تارڙ چيو ته اليڪشن کانپوءِ هي پاڪستان جي لاءِ انتهائي اهم سال ثابت ٿيو آهي، اسان ڊيفالٽ جي ويجهي کان ترقي طرف وڌيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسپورٽس مين اسپرٽ هر شعبي ۾ هجڻ گهرجي، هڪ ٻئي سان ڀائيچاري ۽ سٺي روين جي اميد رکون ٿا، تلخيون ختم ٿيڻ گهرجن، راندين جا ميدان هجن يا سياست هر جڳهه ان کي فروغ ملڻ گهرجي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ٽي وي مالي مشڪلاتن جو شڪار نه آهي، تازو ئي اسان آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جا رائيٽس حاصل ڪرڻ جي لاءِ وڏي ادائيگي ڪئي آهي. هن چيو ته پي ٽي وي تي وڏا وڏا ٽورنامينٽ ڏيکاريا وڃن ٿا، پي ٽي وي جي ريوائيول جي لاءِ ڪم جاري آهي، جيستائين پي ٽي وي ريوائيو نه ٿيندو سُک سان نه ويهنداسين. هن چيو ته پي ٽي وي ۾ پرائيويٽ سيڪٽرمان اينڪرز کي آندو ويو آهي، سمورين سياسي پارٽين جي ميمبرن کي شو ۾ گهرايو پيو وڃي، پي ٽي وي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا سينسرشپ نه آهي، پي ٽي وي کي اسان وڌيڪ فروغ ڏينداسين. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ڳالهه ٻولهه سياسي استحڪام جي لاءِ آهي، ملڪ ۾ معاشي استحڪام اچي رهيو آهي، معيشت جي بحالي ٿي چڪي آهي هاڻي گروٿ طرف وڌي رهيا آهيون، سياسي استحڪام معاشي استحڪام سان ڳنڍجي وڃي ته پاڪستان ترقي جي ايجنڊا تي ڪاربند ٿي ويندو، پراميد آهيان ته ڳالهه ٻولهه جا سٺا نتيجا نڪرندا.