اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي ۾ ترميمن جو نوٽيفڪيشن ايف بي آر جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ 2024ع ۾ ٿيل ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي تحت گوادر سميت ملڪي بندرگاهن کي استعمال ڪندي آذربائيجان جي سامان جي چُرپُر کي مربوط ۽ منظم ڪيو ويندو. ان تحت واپاري سامان جي اچ وڃ، ڪسٽمز ڪليئرنس، سيڪيورٽي ۽ گاڏين لاءِ اجازت نامن جو جامع نظام ترتيب ڏنو ويو آهي. معاهدي تحت سامان جي چُرپُر کي مڪمل طور تي ڊجيٽل نظام ذريعي مانيٽر ڪيو ويندو. هر کيپ لاءِ گڊز ڊڪلريئيشن داخل ڪئي ويندي ۽ ڪنٽينرز کي مخصوص سِيل ۽ جي پي ايس ٽريڪنگ ڊوائيسز ذريعي محفوظ بڻايو ويندو. هر ٽرانزٽ گاڏيءَ کي قانوني اجازت نامو رکڻ لازمي هوندو. ڪنٽينرز ۽ سامان کي مخصوص روٽس تي منتقل ڪيو ويندو. چُرپُر ۾ دير يا سامان جي نقصان جي صورت ۾ قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. ڪنهن به بي ضابطگي کي روڪڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي ڪسٽمز عملدارن وچ ۾ ڊيٽا جي ڏي وٺ ٿيندي. ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي سان نه صرف ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ناتن ۾ واڌ ٿيندي پر ان سان خطي ۾ واپار کي به هٿي حاصل ٿيندي.