رياض-16 جنوري (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ عالمي معدني طلب کي پورو ڪرڻ لاءِ عالمي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي موضوع تي پينل ڊسڪشن ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن سرڪاري ۽ نجي شعبن وچ ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ عملي نقطهءِ نظر تي روشني وڌي ۽ کاڻين جي شعبي کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پيٽروليم ڊويزن طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب سعودي حڪومت جي گاديءَ واري هنڌ رياض ۾ فيوچر منرلز فورم (ايف ايم ايف) ۾ ٻئي ڏينهن 20 هزار کان وڌيڪ عالمي اڳواڻن، کاڻين جي شعبي سان ڳنڍيل پيشيور ۽ خدمتون فراهم ڪندڙ ماڻهن، سيڙپڪارن ۽ تعليم جي ماهرن شرڪت ڪئي. فورم ذريعي کاڻين جي صنعت جي ڌُرين کي گڏ ڪيو ويو. پاڪستان پويلين فورم ۾ شرڪت ڪندڙن جو مرڪز بڻيل آهي. هڪ مهمان جو چوڻ هو ته جيڪڏهن بهترين ڊزائين جي پويلين لاءِ ايوارڊ ڏنا وڃن ته پاڪستان پويلين ضرور ڪاميابي ماڻيندو. وفاقي وزير فورم ۾ لاڳايل مختلف اسٽالز جي جائزي دوران پاڪستان پويلين جو به دؤرو ڪيو. هن پويلين جي واڌاري لاءِ پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ (پي پي ايل) جي ڪاوشن ۽ ٻين شريڪ ڪمپنين جي سهڪار جي تعريف ڪئي. ترڪيه، چين ۽ چلي جهڙن ملڪن جي سيڙپڪارن پاڪستان ۾ کاڻين جي وڌندڙ موقعن ۾ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو ۽ امڪاني سيڙپڪاريءَ جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪئي. پاڪستاني وفد 90 منٽن جي اجلاس جي ميزباني ڪئي. وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر عمران عباسي، ريڪوڊڪ جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر سميت ٻين مقررن پاڪستان ۾ کاڻين جي شعبي ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار ماحول ۽ ان شعبي جي ترقيءَ لاءِ حڪومت جي اسٽريٽجڪ ويزن تي روشني وڌي.