اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري اسلام آباد ۾ فلسطين جي سفارتخاني جو دورو ڪري جنگ بندي ٿيڻ تي مُبارڪُون ڏنيُون. سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري فلسطين جي سفارتخاني جو دورو ڪيو، سفرتاخاني پهچڻ تي فلسطين جي سفير زُهير ايم ايڇ دارزيد سميت ٻين سفارتي عملدارن سنڌ سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر فلسطين جي سفير کي گلدستو ۽ مٺائي ڏني ۽ جنگ بندي تي مبارڪُون ڏنيُون۔ سنڌ جي گورنر چيو ته جنگ بندي معاهدي سان خطي ۾ امن جي اميد جاڳي آهي، هن چيو ته فلسطيني عوام انتهائي ڏکئي وقت مان گذري آهي، هو انهن جي ٻيهر آبادڪاري لاءِ پراميد آهن، هن وڌيڪ چيو ته فلسطين جي سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي حمايت جاري رهندي. ان موقعي تي فلسطين جو سفير رُوئڻهارڪو ٿي ويو۔ هِن سنڌ جي گورنر کي ٻڌايو ته جنگبندي جي باوجود اڄ به فلسطين ۾ شهادتون ٿيون آهن. سنڌ جي گورنر جنگ بندي کانپوءِ اسرائيلي بربريت تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي عالمي برادري کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي. سنڌ جي گورنر فلسطيني سفير کي گورنر هائوس اچڻ جي دعوت پڻ ڏني، جيڪا هُن قبُول ڪندي چيو ته هُو جلد گورنر هائوس جو دورو ڪندو.