اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته جيڪي قومون پنهنجي ماضي تي فخر نه ٿيون ڪن اهي ڪڏهن به ترقي نه ٿيون ڪري سگهن، پاڪستان ۽ ترڪيه جي دوستي جي ڊگهي تاريخ آهي، پاڪ ترڪيه فرينڊشپ ريڊيو ميوزيم قائم ڪرڻ جو مقصد ايندڙ نسلن کي پاڪستان ۽ ترڪيه جي لاڳاپن جي اهميت کان روشناس ڪرائڻ آهي، پاڪستاني ترڪيه کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهن ٿا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪ ترڪيه فرينڊشپ ريڊيو ميوزيم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ اسان تاريخ جو اهو حصو محفوظ ڪيو آهي جيڪو اسان جي سڃاڻپ، پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين ريڊيو پاڪستان جي تاريخي پس منظر کي اسان ايندڙ وقتن جي لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. پاڪ ترڪيه فرينڊشپ ريڊيو ميوزيم قائم ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي دوستي جي ڊگهي تاريخ آهي، پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ به ننڍي کنڊ جي مسلمانن ترڪيه جي مسلمانن جي مدد ڪئي، ترڪيه ۽ پاڪستان جي دل پاڻ ۾ ڳنڍيل آهي، پاڪستاني ترڪيه کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهن ٿا، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته اسان جو فرض آهي ته اسان نسل درنسل ان محبت ۽ ڀائيچاري جي سلسلي کي اڳتي وڌايون، اسان کي ايندڙ نسلن کي پاڪستان ۽ ترڪيه جي لاڳاپن کان آگاهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تعاون کي ٻين شعبن ۾ پڻ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ترڪش ڪوآپريشن ڪوآرڊينيشن ايجنسي (ٽيڪا) هتي پنهنجو پراجيڪٽ شروع ڪيو. هن چيو ته پاڪ ترڪيه فرينڊشپ ريڊيو ميوزيم قائم ڪرڻ جو مقصد ايندڙ نسلن کي پاڪستان ۽ ترڪيه جي لاڳاپن جي اهميت کان روشناس ڪرائڻ آهي. ايندڙ نسلون ڏسن ته ريڊيو پاڪستان، پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته هاڻي دور تمام گهڻو بدلجي ويو آهي، ان وقت ٽيليويزن اهو ئي هو، سوشل ميڊيا، پوڊ ڪاسٽ ۽ وي لاگ به اهو ئي هو، هر شيءَ ريڊيو جي ذريعي ئي ٿيندي هئي. هن چيو ته پاڪستان جي ناليوارن اداڪارن جي اڪثريت پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ريڊيو پاڪستان تان ڪئي ۽ ٻاهرئين ملڪ وڃي پاڪستان جي عزت ۾ اضافو ڪيو جن تي اسان کي وڏو فخر آهي. هن چيو ته عوامي آگاهي ۽ معلومات جي فراهمي جي حوالي سان ريڊيو پاڪستان جو اهم ڪردار رهيو آهي، اسان جي معيشت جي ترقي ۾ آرٽس ۽ ڪلچر جو هڪ رول آهي، معيشت جي بهتري ۽ ان کي مضبوط بڻائڻ ۾ پڻ ريڊيو جو ڪردار رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستاني قوم دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ فلاحي سرگرمين ۾ حصو وٺي ٿي، ڪشمير ۾ زلزلو آيو ته پوري پاڪستان مان ماڻهو گڏ ٿي اتي پهچي ويا، 2010ع جي ٻوڏ دوران پوري پاڪستان جا ماڻهو امدادي سامان کڻي پهچي ويا، جڏهن ڪا آفت اچي وڃي اسان گڏ ٿي وڃون ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ماضي ۾ به جڏهن موڊ آف ڪميونيڪشن خاص نه هو ته ماڻهن جي ڪهڙي طريقي سان مدد ڪرڻي آهي، آفت سٽيل علائقي ۾ ڪيئن پهچڻو آهي، ان ۾ ريڊيو جو اهم ڪردار هو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته اڄ اسان پنهنجي ماضي ۽ پنهنجي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ ۽ ريڊيو پاڪستان جي ڪردار کي ملهائي رهيا آهيون، اسان کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته ريڊيو پاڪستان ۾ پوڊ ڪاسٽ شروع ٿي ۽ ان مان ڪيترائي ماڻهو فائدو کڻي رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته ريڊيو جي آڪائيوز کي محفوظ ڪرڻ، ريڊيو پاڪستان جي ترقي جي حوالي سان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. جهڙي طرح ماضي ۾ ماڻهو ريڊيو پاڪستان کي ٻڌڻو هو اهڙي طرح جي ڊيجيٽل پليٽ فارمز کي پڻ ماڻهو سبسڪرائب ڪن، ريڊيو پاڪستان جي ڀلائي اسان جي ذمي آهي، سمورا آفيسر پنهنجي ملازمن کان به راءِ وٺن، اسان ايندڙ بجيٽ کان اڳ ان کي حتمي شڪل ڏئي حڪومت وٽ کڻي وڃون ته ريڊيو پاڪستان کي ريوائيو ڪرڻ جي لاءِ هنن شين جي ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه کي پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي خوشحال مستقبل جي لاءِ گڏجي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي ۽ اسان کي ماڻهن جي وچ ۾ مثبت رابطن کي فروغ ڏيڻو پوندو.