اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي موسيماتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي موسمياتي رسڪ مينيجمينٽ حڪمت عملي جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته قومي، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي موسمياتي حڪمت عملي کي لاڳو ڪرڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن انساني مستقبل جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مستحڪم حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. رومينه خورشيد عالم چيو ته موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊگهي مدي وارن منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهيون، موسمياتي تبديلي سبب متاثر زرعي شعبي کي بچائڻ لاءِ فوري قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ ۽ ڏڪار جي خطرن ۾ اضافو ٿيو آهي، پاڪستان جي زرعي پيداوار پاڻي جي گهٽتائي سبب متاثر ٿي آهي، قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ وسيلن جي کوٽ درپيش آهي. رومينه خورشيد عالم چيو ته موسمياتي آفتن کان تحفظ جي تياري ۽ بحالي لاءِ عالمي امداد جي ضرورت آهي.