ڪراچي-15 جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مشهور شاعر محسن نقوي کي سندس 29هين ورسي جي موقعي تي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو، محسن نقوي پيپلز اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن (پي ايس ايف) ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ عوام جي حقن لاءِ پي پي پي جي جدوجهد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، قيد ۽ بند جون سختيون بهادري سان برداشت ڪيون، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پارٽي سان پختي وابستگي کي تسليم ڪندي کيس چونڊن ۾ ٽڪيٽ ڏنو هو. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب، پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، محسن نقوي جي عظمت ۽ عوام سان سندس گهري تعلق کي ساراهيو، جنهن جو مظهر شهيد محترمه بينظير ڀٽو لاءِ سندس مشهور نظم يا الله، يا رسول بينظير بي قصور آهي، جيڪو انصاف ۽ سچائي لاءِ سندس وابستگي جو ثبوت آهي. بلاول ڀٽو زرداري نوجوانن تي زور ڀريو ته هو محسن نقوي جي انسانيت ۽ ظلم خلاف جدوجهد جي ميراث مان سبق حاصل ڪن. هن اظهار جي راءِ جي آزادي، فن ۽ ادب جي تحفظ لاءِ پيپلزپارٽي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ معاشري ۾ رواداري، امن ۽ انصاف کي بنياد قرار ڏنو.