اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاور ڊويزن پاران اليڪٽرڪ گاڏين جي لاءِ خصوصي 44 سيڪڙو گهٽ رعايتي ٽيرف کي هڪ تاريخي پئڪيج قرار ڏيندي چيو آهي ته بجلي سان هلندڙ گاڏين سان پيٽرول ۽ ڊيزل جي درآمد جي مد ۾ پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي ۽ ماحول دوست سفري سهولتون دستياب ٿينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن اليڪٽرڪ وهيڪلز جي فروغ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاور ڊويزن پاران اليڪٽرڪ وهيڪلز جي پاليسي کي انتهائي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته پاور ڊويزن پاران اليڪٽرڪ گاڏين جي لاءِ خصوصي 44 سيڪرو گهٽ رعايتي ٽيرف هڪ تاريخي پئڪيج آهي. وزيراعظم اليڪٽرڪ گاڏين جي فروغ جي نئين پاليسي جي حوالي سان پاور واري وفاقي وزير ۽ سندس ٽيم کي ساراهيندي چيو ته بجلي سان هلندڙ گاڏين سان پيٽرول ۽ ڊيزل جي درآمد ۾ پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي ۽ ماحول دوست سفري سهولتون دستياب ٿينديون، وزيراعظم اليڪٽرڪ گاڏين جي حوالي سان نئين حڪومتي پاليسي جي ڀرپور تشهير ڪرڻ ۽ آگاهي مهم جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اليڪٽرڪ وهيڪلز جي لاءِ نئين حڪومتي پاليسي تي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اليڪٽرڪ گاڏين جي چارجنگ اسٽيشنز کي موجوده 71 رپين بدران 39.70 رپيا في يونٽ بجلي ملندي، ان گهٽتائي جي ڪري هاڻي پيٽرول ۽ ٻئي ٻارڻ جي ڀيٽ ۾ سفري خرچن ۾ ٽيڻ تائين بچت ممڪن ٿي سگهندي، ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ٻئي ٻارڻ تي دارومدار گهٽ ٿيڻ جي ڪري وڏي پرڏيهي ناڻي جي پڻ بچت ٿيندي، ان سان صحت جي لاءِ هاڃيڪار گيسز جي اخراج کي روڪڻ ۽ فضائي آلودگي کي منهن ڏيڻ ۾ پڻ مدد ملندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته رعايتي بجلي اگهه ۽ اليڪٽرڪ گاڏين جي چارجنگ اسٽيشنز بابت ريگيوليشنز جاري ڪرڻ سان نئون منافعو ڏيندڙ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جا موقعا ميسر ايندا جنهن سان نه رڳو نوڪرين جا نوان موقعا ملندا پر پوري ملڪي معيشت کي پڻ سگهه ملندي. ان کانسواءِ اليڪٽرڪ گاڏين جي چارجنگ اسٽيشنز بابت ضابطن جي لاڳو ٿيڻ سان 15 ڏينهن ۾ رجسٽريشن ۽ ڪاروبار جي اجازت ملندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪي تاريخ جي پهرين اليڪٽرڪ گاڏين جي چارجنگ اسٽيشنز جي قيام ۽ بيٽرين جي متبادل پوائنٽ بابت قاعدا ۽ ضابطا پڻ ٺاهيا ويا آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته چٽاڀيٽي مارڪيٽ کي يقيني بڻائڻ ۽ ملڪي ۽ غيرملڪي سڌوسنئون سيڙپڪاري کي ممڪن بڻائڻ جي لاءِ ريگيوليشنز کي انتهائي آسان بڻايو ويو آهي، انهن قاعدن ۽ ضابطن تحت نيشنل انرجي ايفي شنسي اينڊ ڪنزرويشن اٿارٽي (اين اي اي سي اي) چارجنگ اسٽيشنز تي حفاظتي قدمن کي يقيني بڻائيندي ۽ هر چارجنگ اسٽيشن جي سالياني انسپيڪشن ٿيندي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پاور واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.