اسلام آباد- 14 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي خيبر پختونخوا ۾ 2 ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز جي تعريف ڪندي چيو ته قوم جي حمايت سان خوارجي دهشتگردن جو مڪمل خاتمو ڪنداسين. گهرو وزارت مان جاري ڪيل بيان مطابق هن چيو ته 8 خوارجي دهشتگردن کي ماري سيڪيورٽي فورسز وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي. ڪي پي ڪي ۾ دهشتگردن جي مڪروه اِرادن کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. محسن نقوي چيو ته بهادر سيڪيورٽي فورسز 8 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو ۽ انهن جي اِرادن کي مٽيءَ ۾ ملايو. قوم سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته قوم سيڪيورٽي فورسز سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. قوم جي حمايت سان خوارجي دهشتگردن جو مڪمل خاتمو ڪنداسين.