اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪيترين ئي قربانين سان خوارجي فتنو سدائين جي لاءِ ختم ٿي ويندو، پاڪستان ٻيهر امن جو ڳڙهه بڻجندو، پي آءِ اي جي حوالي سان بندشون ختم ٿي رهيون آهن، لنڊن جُون اڏامُون به جلد بحال ٿينديُون، وفاق صوبن سان گڏجي تعليمي ميدان ۾ درپيش چئلينجز کي حل ڪرڻ جي لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪندو، جنڪوز جو ڪم وصولي ڪرڻ ناهي، وصوليُون ڪرڻ سرڪار جو ڪم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني فوج آرمي چيف جي قيادت ۾ فتنه الخوارج جي خلاف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڏينهن رات ڪارروايون ٿي رهيون آهن، بلوچستان ۾ انٽيليجنس ڄاڻ تي ٻڌل آپريشن ۾ 27 دهشتگرد جهنم ڀيڙا ڪيا ويا آهن، ٻين جاين تي به آپريشن جاري آهي، ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون پيون وڃن جنهن جو اسان سڀني کي ادراڪ ۽ احساس هجڻ گهرجي، انهن قربانين جي ڪري خوارجي فتنو سدائين جي لاءِ ختم ٿي ويندو ۽ پاڪستان انشاءَ الله ٻيهر امن جو ڳڙهه بڻجندو، جيئن 2018ع ۾ نواز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان ۾ امن قائم ٿيو هو، ائين ئي ٻيهر امن قائم ٿيندو. وزيراعظم چيو ته تاريخ انهن قربانين کي سدائين ياد رکندي. وزيراعظم ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ اسلامي دنيا ۽ معاشرن ۾ عورتن جي تعليم جي حوالي سان شاندار ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي تعليم واري وزارت ۽ اطلاعات واري وزارت سميت لاڳاپيل عملدارن کي شاباس ڏني. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ عورتن ۽ ٻارن جي تعليم جي حوالي سان مڪالا پڙهيا ويا. پاڪستان ۾ عورتن جي تعليم جي حوالي سان وڏا چئلينجز درپيش آهن، 22.8 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جن ۾ اڪثريت ڇوڪرين جي آهي، اهو هڪ وڏو چئلينج آهي. وزيراعظم چيو ته او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري ۽ مسلمان ملڪن جي تعليم وارن وزيرن ۽ ملاله يوسفزئي جي ڪانفرنس ۾ موجودگي خوش آئنده هئي. تعليم جو شعبو صوبن ڏانهن منتقل ٿي چڪو آهي پر وفاق جو به تمام وڏو ڪردار آهي. وفاق صوبن سان گڏجي تعليم جي ميدان ۾ جيڪي مشڪلاتون ۽ چئلينجز آهن انهن کي حل ڪرڻ جي لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اسان تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪئي هئي. وزيراعظم تعليم واري وزير کي هدايت ڪئي ته هو صوبن سان گڏجي ويجها رابطا قائم ڪري تعليم جي ميدان ۾ موجود مشڪلاتن ۽ چئلينجز کي منهن ڏي، اها قومي خدمت هوندي. وزيراعظم پي آءِ اي جي يورپ جي لاءِ اڏامن جي بحالي کي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو ۽ چيو ته بدقسمتي سان گذريل حڪومت جي هوابازي واري وزير پارليامينٽ ۾ بيهي پاڪستاني معيشت کي تباهه ڪرڻ جي لاءِ جيڪا تقرير ڪئي ان جا تباهي آڻيندڙ نتيجا نڪتا ۽ پاڪستان جي عوام ۽ معيشت ان جو ڪِيتو ڀوڳيو. ڪيترن ئي سالن جي معاشي تباهي کانپوءِ پي آءِ اي تي جيڪي بندشون لڳيون هيون انهن جو هاڻي خاتمو ٿي رهيو آهي. اهو هڪ تمام وڏو سيٽ بيڪ هو. وزيراعظم دفاع واري وزير ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ان ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته انهن جون ڪوششون ڪامياب ٿيون آهن ۽ اميد آهي ته لنڊن جي لاءِ پي آءِ اي جون اڏامون جلد بحال ٿينديون ۽ پاڪستاني مسافرن جون مشڪلاتون گهٽ ٿينديون. وزيراعظم ڪابينا کي پنجگور ۾ نئين پاڪ ايران سرحدي ڪراسنگ جي شروعات بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ان سان قانوني واپار کي فروغ ملندو ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام ٿيندي. وزيراعظم ان سلسلي ۾ ايران جي تعاون جي آجيان ڪئي. هن ڪابينا کي ٻڌايو ته ڪرم ۾ حالتون هاڻي معمول تي اچي رهيون آهن، امن معاهدي کي وڏو ڌچڪو لڳو هو پر هاڻي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، مورچا ڊاهيا پيا وڃن، خوراڪ ۽ دوائن جي فراهمي بحال ٿي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته سڀئي ڌريون امن قائم ڪرڻ ۽ مُخالف گروپن ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ گڏجي ويهن ته جيئن اڳتي اهڙا واقعا نه ٿين. وزيراعظم چيو ته بجلي واري وزارت جي ٽاسڪ فورس تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي، جنڪوز جو ڪهڙو ڪم آهي ته اهي وصولي ڪن، اهو سرڪار جو ڪم آهي ته اها وصولي ڪري. ڊالر ۾ انهن جون ادائيگيون ٿيڻ به هڪ تمام وڏو چئلينج آهي. ڪابينا ان حوالي سان قدمن جو جائزو وٺندي.